سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ ڀرسان يوسي ڪرمپور جي ٿاڻي ويجهو ماھي اوٺو جي حد جي ڳوٺ وريو ڪلو ۾ مبينا زھريلو کاڌو کائڻ سبب معصوم ڀاءُ ڀيڻ ۽ سندن چاچيءَ جي حالت خراب ٿي وئي، وارثن کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوھڻ جي سيد عبد الله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال نيو پئي ويو ته ٻن ورهين جي ڪائنات رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، پنجن ورهين فيضان پٽ انور ڪلو اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته سندن چاچي شھزاديءَ کي طبي امداد ڏني وئي،  رابطو ڪرڻ تي فوتي ٻارڙن جي پيءُ انور ڪلو جو چوڻ هو ته پاڙي جي گھر مان چانور موڪليا ويا ھئا، کائڻ بعد سندس ڀاڄائي، پٽ ۽ ڌيءُ جي حالت خراب ٿي وئي، شڪ آهي ته کاڌي ۾ زھر وڌو ويو هو، ٻارڙن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف ماھي اوٺو پوليس واقعي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.