سيوهڻ سانحو: ذميوار ڪير…؟

0
131
سيوهڻ سانحو: ذميوار ڪير...؟

سنڌ ۾ ڪو ڏينهن خالي ناهي جڏهن ڪنهن هنيانءَ ڏاريندڙ روڊ حادثي جي خبر نه ملندي هجي، هاڻ ته اهي روڊ حادثا ڄڻ ته سنڌ جي روزاني زندگي جو اڻ ٽٽ حصو ٿي پيا آهن. دنيا ۾ روڊ هر حادثو ڪنهن نه ڪنهن لاپرواهيءَ جو ئي نتيجو هوندو آهي پر اسان جي سماج ۾ غيرذميواري ۽ لاپرواهيءَ جي لاڙن تباهيءَ جو اهڙو طوفان برپا ڪيو آهي جنهن کي هاڻي عام رواجي اپاءُ جي نمائشي اعلانن سان درگذر يا ختم به نٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ ٿوري وٿيءَ سان ٿيندڙ روڊ حادثا ڪا نئين ڳالهه ناهن. اهڙا حادثا روزانو گهٽجڻ بجاءِ تسلسل ۽ تيزيءَ سان وڌندا پيا وڃن. اهڙو ئي هڪ خوفناڪ روڊ حادثو سيوهڻ ويجهو ٽول پلازه ڀرسان انڊس هاءِ وي کي لڳل ڪٽ واري هنڌ پيش آيو، جتي رات جو دير سان خيرپور کان سيوهڻ ايندڙ قلندر جي پانڌيئڙن جي وين هاءِ وي کي ڏنل ڪٽ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسافر وين ۾ سوار گهوٽ ڪنوار ثنا ڦلپوٽو سميت 20 مسافر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته گهوٽ عرفان ڦلپوٽي سميت 13 مسافر زخمي ٿيا، زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثو رات جي وقت اونداهي دوران ڪٽ واري هنڌ پيش آيو. ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر خاندان گھوٽ ڪنوار جي سکا کڻي قلندر جي مزار تي وڃي رهيا هئا.

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ روڊ جو سفر نه صرف سستو پر سڀ کان محفوظ سمجهيو وڃي ٿو، پري نٿا وڃو پنهنجي پاڙيسري ايشيائي ملڪن کي ئي کڻي ڏسبو ته اتي به روڊ جي سرشتي کي نه صرف جديد پر محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. مطلب جتي دنيا روڊ جي سفر ۾ بهتريءَ کان به اڳتي ترقيءَ طرف وڌي رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ اڄ به اسان وٽ پراڻو قانون ئي لاڳو آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ ته ٺهيو پر ڄڻ ته هٿ وٺي کيس روز بروز تباهه ڪرڻ سان گڏ قيمتي زندگين جو ڏن ڏئي نه صرف مهانگو ڪيو ويو آهي، پر ايترو ته غيرمحفوظ بڻايو ويو آهي جو روڊ تي ڦرندڙ ڦيٿو هاڻي زندگين جي قيمتن تي ڦرڻ لڳو آهي. سيوهڻ سانحي جي زخمين مان فوتين جي انگ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي نه رڳو سيوھڻ پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيل ان قسم جي روڊ حادثن ۽ ٿيل جاني نقصانن تي نظر وجهبي ته انهن ۾ حيران ڪندڙ هڪ جهڙايون نظر اينديون، مثال طور هتي اڪثر حادثا رات جي پوئين پهر ۾ ٿيندا آهن، جنهن ۾ بظاهر ته اڪثر ڪري ننڊ جو غلبو يا ڪنهن ڊرائيور جي غلطيءَ کي سبب ڄاڻايو ويو آهي پر ان ۾ انتظامي نااهلي کي لڪايو ويندو آهي. انهن سمورن روڊ حادثن جي پوري تاريخ ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته انهن حادثن جي نه ڪا شفاف جاچ ٿيندي آهي نه وري ڪنهن ذميوار کي ڪڏهن به ڪا سزا آئي آهي، يا وري انهن ذميوارن جي چٽي هيٺين سطح جي ٽرانسپورٽ جي ننڍڙن ملازمن جي برطرفيءَ جي صورت ۾ ڀري ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن وري ڊرائيور جي غفلت ڄاڻائي وڏي تسليءَ سان فائيل بند ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ وقت جي ٿوري وٿيءَ سان ٿيندڙ روڊ حادثا نه صرف بدانتظاميءَ جي خبر ڏيندا رهندا آهن پر پنهنجو بار لاهي ٻين تي وجهڻ جو موقعو مهيا ڪن ٿا. اهڙن روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ قانونسازيءَ جي ضرورت آهي گڏوگڏ مک سبب ڳولهي ان جي خاتمي لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪري سخت فيصلا ڪرڻ سان ئي روڊ حادثن جي تيز رفتاريءَ اڳيان رڪاوٽ جو اسپيڊ بريڪر ٻڌي سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ اهڙا حادثا ٿيندا ۽ جاچ ۾ هيٺين ملازمن جي نوڪريءَ تان برطرفيءَ بعد فائيل بند ٿيندا رهندا.

خيرپور واسين سان پيش آيل روڊ حادثو ظاهري طور ڀلي ڪنهن به ڊرائيور جي غفلت جو نتيجو هجي، پر حقيقت اها آهي ته اهڙن حادثن جو هڪڙو سبب سوڙهن روڊن تي هيوي ٽريفڪ هلڻ به آهي. سنڌ ۾ دهشتگردي به ايترا ماڻهو نه ماريا هوندا جيتريون انهن روڊ حادثن مائرن جون جهوليون خالي ڪيون آهن. هاڻي ته سنڌ ۾ ڪن روڊن جي سڃاڻپ ئي “خوني روڊ” ٿي وئي آهي. جڏهن به ڪو حادثو ٿئي ٿو ته بدقسمتي سان حڪومتون به انهن کي اتفاقي حادثا قرار ڏئي پاڻ کي ذميوارين کان آجو قرار ڏئي ڇڏين ٿيون، ڄڻ ته روڊز ۽ هاءِ ويز کاتي جو ان سان ڪو تعلق ڪونهي. گاڏيون ڪيتري رفتار سان هلن ٿيون، ٽريفڪ قانون ڪيئن لتاڙجن ٿا، ان سان ٽريفڪ پوليس جو ڇا وڃي ۽ صحت کاتي جو ته جهڙوڪر اهو ڪم ئي ناهي ته ڪنهن به ايمرجنسي يا حادثي جي صورت ۾ سنڌ جي اسپتالن اندر زخمين کي بروقت طبي امداد ڏيڻ جو بندوبست ٿيل هجي.