اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اپوزيشن جي گوڙ ۽ احتجاج دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بِل منظور ڪيو ويو، قانون جي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ايوانِ ۾ بِل پيش ڪندي چيو ته قانونسازن ۽ منصفن جي پگهارن ۾ وڏو فرق آهي، پارليامينٽ ميمبرز جي پگهار هڪ لک 70 هزار رپيا آهي، اعليٰ عدليه ۾ ٽيڪ هوم 10 لک رپين کان گهٽ ناهي، شبلي فراز چيو ته ايڪٽ موجب اليڪشن ٽربيونل ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس جج ٻئي هوندا، قانون واري وزير جو ذهن آمراڻو آهي، کيس ٻين کي ٻڌڻ به نٿو وڻي، سينيٽر علي ظفر چيو ته قانون آڻڻ پويان نيت اِها آهي ته اڻ چونڊيل ماڻهن کي طاقت ۾ رکيو وڃي، حڪمران ٽربيونل ٺاهڻ جا اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏئي رهيا آهن، اها عدليه جي ڪم ۾ مداخلت آهي، پ پ سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آئين موجب ٽربيونل جوڙڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، هاءِ ڪورٽس وٽ ٽربيونل جوڙڻ جو اختيار ناهي، رٽائرڊ جج کي ٽربيونل ۾ شامل ڪرڻ سان قيامت نه ايندي، اُن سان پي ٽي آءِ کي ئي فائدو ٿيندو، پر هي پاڻ چاهين ٿا ته فيصلا جلد نه ٿين، ملڪ ۾ انارڪي ۽ فساد جاري رهي، ايوان اڪثريت راءِ سان اليڪشن ترميمي ايڪٽ منظور ڪري ورتو، اپوزيشن پاران ڪارو قانون نامنظور جا نعرا هنيا ويا، سينيٽ چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽرز ايوانِ کي قومي اسيمبلي نه بڻائين، هاڻي نعريبازي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪندس، اپوزيشن جو ايڪٽ جي منظوري خلاف ٽوڪن واڪ آئوٽ، احتجاج ۾ جي يو آءِ جا سينيٽرز به شامل هئا.