اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ جي 48 خالي سيٽن تي 18 اميدوار بنا مقابلي  ڪامياب ٿي چڪا، باقي 30 سيٽن تي چونڊ لاءِ پولنگ 2 اپريل تي ٿيندي. سينيٽ چونڊن ۾ حڪمران اتحاد ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي  ڪوششن ۾ رڌل آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي جماعت بڻجڻ لاءِ پر اميد آھي. 30 سيٽن تي 2 اپريل تي 59 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو.  اليڪشن ڪميشن پاران 11 مارچ 2024 تي سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 48 سيٽن تي 2 اپريل تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 14 مارچ تي شيڊول جاري ڪيو ھو، جنھن ۾ سنڌ صوبي ۽ پنجاب جون 12، 12، جڏھن ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جون 11، 11 سيٽون شامل آھن. اسلام آباد جي ٻن سيٽن تي به اليڪشن ٿيندي. ھن وقت تائين 18 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آھن جن ۾ بلوچستان جا 11 سيينٽرز به شامل آھن. بلوچستان جي 7 جنرل سيٽن تي مسلم ليگ (ن) جا اميدوار سيدال خان، شاھزيب دراني، پيپلز پارٽي جو سردار عمر گرگيج، جي يو آءِ جو احمد خان، اي اين پي ۽ پ پ جو گڏيل اميدوار ايمل ولي خان،نيشنل پارٽي جو جان محمد ۽ آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙھندڙ اڳوڻو نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ به بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آھي. بلوچستان جي سينيٽ ۾ ٻن عورتن جي سيٽن تي پيپلز پارٽيءَ جي حسنا بانو ۽ مسلم ليگ (ن) جي راحت جمالي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويون آھن. اھڙي طرح ٽيڪنوڪريٽ ۽ علماءِ جي ٻن سيٽن تي پيپلز پارٽي جو بلال احمد ۽ جي يو آءِ جو مولانا واسع ڪامياب ٿي چڪو آھي. سينيٽ ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ ميمبرن ۾ پنجاب جا 7 سينيٽر به شامل آھن. صوبي جي ٽوٽل 12 سيٽن تي اليڪشن ٿي رھي آھي ست جنرل سيٽون آھن جن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آھن. ڪامياب ٿيندڙن ۾ گهرو مامرن جو وفاقي وزير  محسن نقوي آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿي چڪو آھي، مسلم ليگ (ن) جو پرويز رشيد، احمد چيمه، طلال چوڌري، ناصر محمود، مجلس وحدت المسلمين جو راجا ناصر عباس، حامد خان  به شامل آھن. سينيٽ ۾ صوبي پنجاب جي عورتن جي ٻن سيٽن تي چار اميدوار ميدان ۾ آھن. اھڙي طرح ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن سيٽن تي ٽي اميدوار ۽ اقليت جي ھڪ سيٽ تي ٻه اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. جيڪڏھن حڪمران اتحاد پنجاب ۾ متحد رھيو ته چارئي سيٽون ن ليگ کي ملنديون. صوبي سنڌ جي 7 جنرل سيٽن، عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن ٻن ۽ اقليت جي ھڪ سيٽ تي چونڊون ٿينديون. جيڪڏھن آزاد اميدوار فيصل واوڊا کي پيپلز پارٽي جي مميبرن به ووٽ ڏنو ته ان صورت ۾ پيپلز پارٽي کي سنڌ جي ست جنرل سيٽن مان پنج سيٽون ملي سگھن ٿيون ۽ ايم ڪيو ايم کي ھڪ سيٽ ملندي. جيڪڏھن فيصل واوڊا آزاد اميدوار طور ڪامياب نه ٿيو ته پيپلز پارٽي کي پنج جي جاءِ تي ڇھه سيٽون ملي سگھن ٿيون. اھڙي طرح سنڌ مان عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن، ٻن سيٽن ۽ اقليت جي ھڪ سيٽ تي به پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيڻ جا امڪان آھن.سينيٽ جي چونڊن ۾ دلچسپ مقابلا صوبي خيبرپختونخوا جي 11 سيٽن تي ٿيڻ جا امڪان آھن. ڪي پي ڪي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب قرار ڏنل ميمبر ھن وقت تائين حلف ناھن کڻي سگھيا. اليڪشن ڪميشن پنھنجي فيصلي ۾ واضع ڪري چڪي آھي ته جيڪڏھن اسپيڪر ڪي پي اسيمبلي نئين چونڊيل ميمبرن کان حلف نٿو وٺي ته اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي مجبور ٿيندي. جيڪڏھن ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ چونڊون ملتوي ٿيون ته 2 اپريل تي اليڪشن بعد عيد کان اڳ باقي نوان چونڊيل سينيٽرز حلف سان گڏ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي عھدن تي به چونڊون ٿيڻ جا به امڪان آھن. اھڙي طرح ڪي پي ڪي جا ميمبر چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن ۾ ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگھندا. جيڪڏھن پارٽي پوزيشن جي حساب سان ڏٺو وڃي ته ڪي پي ڪي ۾ ٽوٽل 11 سيٽن مان 6 يا 7 سيٽن تي پي ٽي آءِ جا حمايت يافته اميدوار ڪامياب ٿي سگھن ٿا.  جي يو آءِ پاران حڪمران اتحاد جو ساٿ نه ڏيڻ تي وڌيڪ ھڪ ٻه سيٽن تي پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار ڪامياب ٿيڻ جا امڪان آھن. جيڪڏھن ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته صرف 7 ميمبر به ڪامياب ٿيا ته سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي حمايت يافته ميمبرن جو تعداد 27 تائين پھچي سگھي ٿي. ھن وقت پي ٽي آءِ جا 18 سينيٽر ايوان ۾ موجود آھن. اھڙي طرح سينيٽ چونڊن بعد سينيٽ جي ايوان  ۾ پي ٽي آءِ جو سنگل لارجر پارٽي بڻجڻ جو واضع امڪان موجود آھي. ٻئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ سينيٽرن جو تعداد رکندڙ پارٽي پيپلز پارٽي ٿي  سگھي ٿي. جن جو تعداد 24 کان 25 تائين پھچي سگھي ٿو. ھن وقت پيپلز پارٽي جا سينيٽ ۾ 9 ميمبر آھن. حڪمران اتحاد کي قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت ملي چڪي آھي پر آئين ۾ ترميم ڪرڻ ۽ وڏا فيصلا ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ به ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت گھرجي. 2 اپريل تي چونڊن بعد سينيٽ ۾ ڪل ميمبرن جو تعداد گھٽ ٿي 96 ٿي ويندو. جنھن مطابق سينيٽ ۾ ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت لاءِ 64 ميمبر گھربل آھن. پر ھن وقت حڪومت مخالف اتحاد ۾ چونڊن بعد پي ٽي آءِ جي سينيٽرن جو تعداد 27، جي يو آءِ جا 6، بي اين پي مينگل ۽ نيشنل پارٽي جو ھڪ، ھڪ ق ليگ جو سينيٽرز شامل ڪيا وڃن ته انھن جو مجموعي تعداد 35 ٿئي ٿو. ان صورت ۾ 96 ميمبرن جي ايوان ۾  حڪمران کي ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت جيترا ميمبر پورا ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو   جيڪڏھن حڪومتي اتحاد سينيٽ چونڊن ۾ ڪي پي ڪي ۾ وڌيڪ سيٽون وٺي سگھيو ته ان لاءِ آساني آھي. نه ته سينيٽ ۾ ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت لاءِ جي يو آءِ کي گڏ ملائڻو پوندو.