شڪارپور/ ڪرمپور (نمائندن وٽان) سينئر صحافي، اينڪر پرسن راحب ٻپڙ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ جي صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران گهري  ڏک جو اظهار ڪيو آهي.راحب پٻڙ ڪرمپور ۽ خانپور ۾ مقامي سطح تي  مختلف ادارن ۾ صحافت ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي ۾ اينڪر پرسن طور صحافتي ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي، هن پنهنجي زندگي جو 20 سال کان وڌيڪ عرصو صحافت ۾ رهيو. راحب ٻپڙ دوستن سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو ته کيس دل جو دورو پيو، جنهن کي ڪرمپور اسپتال آندو ويو، جتان کيس سکر جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال نيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو جتان راحب ٻپڙ جو مڙھ ڳوٺ مهرو ماڙي پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، راحب ٻپڙ ڪجهه سال اڳ شادي ڪئي پر کيس ڪا به اولاد نه هئي. صحافي راحب ٻپڙ جي جنازي اڄ 11 وڳي ڳوٺ مھرو ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.