مورو (ن پ ا) سيشن جج نوشهروفيروز محبوب  علي جواهري جي حڪم تي مورو شھر جي خراب صورتحال تي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ شفقت حسين ڇڄڻ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي، جنھن ۾ ايڊووڪيٽ امين خاصخيلي، ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي، اي سي حسان ظفر، ڊي ايس پي، پبلڪ ھيلٿ انجنيئر نذير ٻرڙو، ميونسپل عملدار نور محمد سمون ۽ مڪيش ڪمار کي ميمبر طور کنيو ويو، ڪاميٽي کي ٻن ھفتن اندر شهر ۾ رستن تي ٿيل ناجائز حددخليون ھٽائڻ، شهر جو ڊرينيج سسٽم ۽ صفائي سميت منشيات ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي.