ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وري اضافو ٿيو آهي ڪراچي جي سونارا مارڪيٽ ۾ سون 800 رپيا تولو مهانگو ٿي ويو. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي سونارا مارڪيٽ ۾ سون هزار رپيا تولو سستو ٿي ويو. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 رپيا واڌ ٿي وئي. 2 ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 11 هزار رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي 2 لک 11 هزار 800 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 2500 رپيا تولو برقرار رهي. لاڙڪاڻي ۾ سون 2 لک 14 هزار 500 رپيا مان گهٽجي 2 لک 13 هزار 500 رپيا ٿي ويو. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون مهانگو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 2 ڊالر واڌ ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 960 ڊالر في اونس ٿي وئي. ٻئي طرف انٽربينڪ ۾ ڊالر 52 پئسا مهانگو ٿيو. ڪالهه ڊالر 287 رپيا 55 پئسن جو ٿي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ساڳيو 289 رپيا 50 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.