ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 300 رپيا مهانگو : ڊالر 203 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ سون 300 رپيا  واڌ سان   141800 مان 142100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1490 مان 1480 رپين تي پهتي، ٻئي طرف  اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر40 پئسا واڌ سان 202.6 مان 203 رپيا  ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ 253.1 ۽ يورو 215.6 رپين تي برقرار رهيا