ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 1100 رپيا سستو : ڊالر 177.8 رپين تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرفه بازار ۾ سون  1100 رپيا لاٿ سان 126300 مان 125200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1460 رپين تي برقرار  رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 70 پئسا لاٿ سان 178.5 مان 177.8 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 35 پئسا گهٽتائي سان 238.75 سان 238.4 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا لاٿ سان 198.5 مان 198 رپين تي پهتو.