ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) سون جي اگهه ۾ في تولي تي 100 رپيا واڌ ، ڊالر ۾ 10 پئسن جي لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 100 رپين جي اضافي سان 102700 مان 102800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا واڌ سان 1330 مان 1350 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا لاٿ سان 153.5 مان 153.4 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ وري 50 پئسا لاٿ سان 212 مان 211.5 رپين تي پهتو، هوڏانهن يورو 50 پئسا گهٽتائي سان 183.5 مان 183 رپيا ٿي ويو.