سوناڪشي سنها شاديءَ جي هفتي بعد اسپتال پهچي وئي

0
12
سوناڪشي سنها شاديءَ جي هفتي بعد اسپتال پهچي وئي
سوناڪشي سنها شاديءَ جي هفتي بعد اسپتال پهچي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار سوناڪشي سنها جو والد ڀارتي اداڪار ۽ سياست دان شتروگهن سنها طبيعت خراب هجڻ سبب اسپتال ۾ داخل آهي

ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب شادي جي هڪ هفتي بعد نئين جوڙي کي ممبئي جي اسپتال ۾ ڏٺو ويو هو، جنهن بعد اداڪارا جي ڳورهاري ٿيڻ بابت به افواهون هلندڙ هئا پر هن جي اسپتال وڃڻ جو اصل ڪارڻ سامهون اچي ويو آهي

رپورٽ موجب سوناڪشي سنها جو والد شتروگهن سنها وائرل بخار ۽ ڪمزوري سبب اسپتال ۾ داخل آهي، جنهن جي عيادت لاءِ هو اسپتال وئي هئي

ان حوالي سان شتروگهن سنها جي ڌيءَ لو سنها گذريل ڏينهن بيان ۾چيو ته هن جي پيءَ کي چيڪ اپ لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، هن کي ڪجهه ڏينهن کان وائرل بخار ۽ ڪمزوري هئي

مبينا طور شتروگهن کي سوناڪشي ۽ ظهير اقبال جي شادي جي ڪجهه ڏينهن بعد اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. واضح رهي ته بالي ووڊ دبنگ گرل اداڪار پنهنجي ويجهي دوست ظهير اقبال سان شادي ڪئي هئي