سوسائٽيز ۾ ايڊمنسٽريشن مقرر ڪرڻ سان سمورا فلاحي پلاٽس وڪرو ڪيا ويا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
140

سوسائٽيز ۾ ايڊمنسٽريشن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جڏهن کان سوسائٽيز ۾ ايڊمنسٽريشن مقرر ٿي آهي تڏهن کان سمورا فلاحي پلاٽس وڪرو ڪيا ويا آهن، سوسائٽيز ۾ فلاحي پلاٽن سان گڏ رستا به وڪرو ٿي ويا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  ڪراچي ۾ سوسائٽيز کي زمينن جي الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته نيب سوسائٽيز جي زمينن بابت جاچ ڪري رهيو آهي، سوسائٽيز جي زمينن جا تڪرار نيب ڏانهن اُماڻڻ گهرجن

معزز جج چيو ته  نيب پهرين به ٻن سوسائٽيز خلاف ريفرنس داخل ڪيا آهن، زميني تڪرارن ۽ گهوٻين ۾ کوڙ جوابدارن کي سزائون به مليون آهن

ايڊووڪيٽ عثمان فاروق چيو ته ڪنيز فاطمه سوسائٽي کان لکت ۾ جواب گهريو وڃي ته معاملو صاف ٿي ويندو، ڪنيز فاطمه سوسائٽي ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ شمشاد قريشي جي عدم حاضري تي عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

آءِِ جي سنڌ کي موڪل تي وڃڻ کان منع ڪيو ھو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ