سوال/سروي … ڪهڙي نئين حڪومت، ساڳيا ماڻهو آيا آهن، هنن مان اميدون رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي: عوام پاران مايوسي جو اظهار

0
48

 دي ٽائيم  نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نئين ٺهندڙ حڪومتن مان اوهان کي ڪهڙي اميد آهي؟ سنڌ ۽ وفاق کي سڀ کان پهريون ڪهڙو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي، بدامني وڏا مسئلا آهن، تعليم، صحت جا به مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، اهو به چيو ويو ته نئين حڪومت مان ڪا به اميد ناهي ويتر مهانگائي جو امڪان آهي، هي ساڳيا ئي ماڻهو اقتدار ۾ آيا آهن انهن اڳ ڪهڙا مسئلا حل ڪيا هئا جو هاڻي مسئلا حل ڪندا، پراڻا واعده وفا ناهن ٿيا ته نيون اميدون ڪهڙيون رکون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته  اسان عام خلق آھيون جنھن جي ياد پنج سالن کانپوءِ ھڪ دفعو ايندي آھي باقي اميدون ڪھڙيون رکون اسان نه ته ڀوتار آھيون نه ئي ٺيڪيدار آھيون عوام ڪنھن جي ترجيحات ۾ شامل ئي ناھي ته پوءِ ڪھڙيون اميدون جن کي اميدون آھن انھن کي تياري ڪرڻ گھرجي حڪومت جي حلف کڻڻ کانپوءِ جلد ئي آئي ايم ايف وفد نوان شرطون لاڳو ڪرائڻ لاءِ اچي رھيو آھي، لڪي خليل احمد لکيو ته ساڳي ماني ساڳ سان، اڳيون اميدون پوريون نه ٿيو آھن ته نيون ڪھڙيون رکون اسان اميدون گذريل پندرنھن سالن ۾ به ساڳيا اميدوار هئا وري به ساڳيا آيا آهن ان ڪري ماٺ ڪري پنهنجو ڪمائبو پنهنجو کائينداسين بس ڪئي اسان هنن کان، نواز راڄڙ لکيو ته آئي ايم ايف جي شرطن مطابق نئين حڪومت ۾ مھانگائي عروج تي ٿيندي ، باقي گڏيل فيصلا ٻن سياسي پارٽين جا ملڪ۽ عوام لاءِ بھتر ثابت نه ٿيندا. اقتدار به گھڻو عرصو نه ھلندو ، انھي لاءِ ھن حڪومت ۾ ڪا به اھڙي اميد نه رکجي ، جيڪي ملڪي عوام جي ڀلائي لاءِ ھجي، سڄڻ ميرجت لکيو ته عوام ساڳيو دربدر، ڏوهو عوام جو بينظير جي پئيسن عيوض پنهنجو ضعمير وڪڻي ڇڏيوسين پاڪستان جو عوام پنڻ تي خوش آهي مهانگائي جي پرواهه نه آهي، ساڳي ماني ساڳ سان ائين هوندي ڇو ته اڳوڻو آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سچ چئي ويو جڏهن اسان گهران نڪرندا آهيون اليڪشن واري ڏينهن پنهنجو ووٽ سوچي سمجهي ڏيڻ لاءِ نڪرندا آهيو باقي هاڻ پنج سال رڙيون ڪندا رهنداسين ڪجھه نه ورندو ان ڏينهن جو اسان سوچي ووٽ ڏيون ته هي ڏينهن نه ڏسڻا پون، وفا ذاڪر جمالي لکيو ته بس دنيا اميدن تي قائم آھي ته اھا ئي اميد رکي سگهجي ٿي ته غريب عوام کي رليف فراهم ڪن باقي ھتي ته قانون اھو آھي ته کائو ۽ کارايو ٻنھي کي ملي ڪري ھن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪن …. اياز علي غلام شاهاڻي لکيو ته ڪهڙي نئين حڪومت، ساڳيا ماڻهو آيا آهن، هنن مان ڪهڙيون اميدون، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، سڀ ڪرپٽ آهن. علي محمد کوسو لکيو ته سڀ کان پھرين قانوني نظام ٺيڪ ڪرڻ گھرجي جيڪو آئون سمجھان ٿو ناممڪن ٿي سگھي ٿو پر پوءِ به انھن مان اميد رکي سگھجي ٿي. ڇو ته ناڪارا قانوني نظام ڪري غريب ماڻهن جو ٻيڙو غرق ڪيو ٿو وڃي.. عنايت الله راهمون لکيو ته پهرين پندرنهن سال ڪهڙا پٽڪا ٻڌايا جو هاڻي اميدون رکون ساڳيا چور آهن عوام کي ڪابه اميد ناهي انهن لٽيرن مان، قربان ميراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار پھريون تحفو سنڌ جي عوام کي ھي ڏيندي وڌيڪ بدامني پوليس گردي ڪرائي، غريبن کان هي پيسا رڪور ڪرائيندي جيڪي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنا اٿن، تيرٿ داس لکيو ته جتي انصاف نه آهي، اتي جمھوريت ھڪ ڍونگ آهي، شاهه محمد رستماڻي لکيو ته پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي، صفر علي جکراڻي به سروي ۾ حصو ورتو، ڌڻي پرتو مهر لکيو ته عوام کي تباهه ڪندا، محمد فياض وساڻ لکيو ته پاڪستان جو وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي.آئي ايم ايف جي شرطن مطابق نئين حڪومت ۾ مھانگائي عروج تي ٿيندي ، باقي گڏيل فيصلا ٻن سياسي پارٽين جا ملڪ۽ عوام لاءِ بھتر ثابت نه ٿيندا. صدام اسحاق ميمڻ به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، سمير احمد لکيو ته ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو مهانگائي آهي اهو حل ڪيو وڃي، عيدل خان راڄڙ لکيو ته نه اسان هنن کي چونڊيو آھي نه وري اسان هن لٽيرن چورن مان ڪا اميد رکون ٿا هنن کي سنڌي اعوام جي مٿان مڙھيو ويو آھي هنن ٻوڏ ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا اها توهان کي به خبر آھي ۽ اسان کي به خبر آھي، جهموريت جو ڍونگ رچائي عوام جي دلين سان کيڏيو ويندو آھي چورن مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، خالد لغاري لکيو ته ڪا به اميد ناهي مهانگائي جو طوفان ايندو، عوام پريشان ٿيندو اليڪشن شفاف نه ٿي ٻيو ڇا ٿيندو، طارق اوڳاهي لکيو ته سنڌ جي تباهي ٿيندي، جي آر چانڊيو لکيو ته نئين حڪومت تباهي ۽ مھانگائي جي ڪجهه به نه ڪندي نئين ٺھندڙ حڪومت پنهنجو ٽريلر پي ڊي ايم جي صورت ۾ ڏيکاري چڪي آھي ھاڻي مھانگائي جو وڏو طوفان ايندو جنهن ۾ غريب طبقو ته خودڪشون ڪندو پر مڊل ڪلاس طبقو به پريشان ھوندو ته گھر جي سسٽم کي ڪيئن هلائجي، بيروزگاري سان گڏ خودڪشيون وڌي وينديون خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو مهانگائي جي سٽ برداشت نه ڪري سگھندا، زراعت کاتو اڳ کان وڌيڪ تباهه ٿيندو يوريا ۽ ڊي اي پي بليڪ تي وڪرو ٿيندا، تعليم ۽ صحت کاتو تباهه ٿيندا، چونڊيل حڪمران صرف پنهنجا گھر ڀريندا ملڪي صورتحال خراب ٿيندي پوليس گردي ٿيندي عام ماڻهو محفوظ نه رھندا، مخالف پارٽين جي ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيندا انهن جون گرفتاريون ٿينديون، باقي رھي ڳالهه مسئلي حل جي ته سنڌ حڪومت گذريل پندرھن سالن جيان ڪو به مسئلو حل نه ڪندي، اياز کهاوڙ لکيو ته وفاقي حڪومت سڀ کان پهريان مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري ۽ نوجوانن جي ترقي لاء سٺا اپاءُ وٺي، سنڌ گورنمينٽ به ساڳي طريقي سان وڌيڪ اگھه وٺندڙ واپارين ۽ دوڪاندار کي روڪي. صحت، تعليم، بلدياتي نظام سٺا ڪري نوجوانن کي نوڪريون ڏئي غريب ماڻھن کي خصوصي ريلف فراهم ڪري، وحيد مستوئي لکيو ته اسان عوام ھر ڀيري اميد ئي رکي سگھون ٿا باقي ڪم اسان جا ٿيڻا ئي ناھن، ھتي مفاد پرست سمورن کان اڳتي اڳتي آھن.ٺيڪيداري نظام ۾ بھتري جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير، اڪ کان انب گھرڻ برابر آھي باقي ھن وفاق يا صوبي جي حڪمرانن مان اميد اھا آھي ته ھر شھر ۾ زھر سستو ڪن ته جيئن عوام وڏي تڪليف مان گذرڻ بجاءِ آساني سان ان جو استعمال ڪري سڪون جي ننڊ وڃي سمھن.سچ وڏو ڏوھاري آھي. جن برسات ٻوڏ ۾ عوام کي ڏيڻ بجاءِ مرضي سان لوڙھيو ٻوڙيو ۽ لٽيو ڦريو اھي ڇا مدد ڪندا ۽ ڪھڙا فيصلا ڪندا، اسد زرداري لکيو ته نئين ٺھندڙ حڪومت مان اميد آھي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرائي باقي ڪم ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون نٿيون ڪن ڪيترن ئي سالن کان ملڪ ۾ بيروزگاري بدامني چوٽ چڙھيل آھي ملڪ ۾ مفاد پرستي خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ وڌيڪ آھي ،وڏيرائي ۽ ڀوتارڪو نظام آھي ھتي اھو ئي فائدي ۾ آھي جيڪو جيڪو انھن جي غلامي ڪري،وري به اسين سنڌ ۽ وفاقي حڪومت مان اھائي اميد آھي ته ملڪ لاءِ ڪجھه بھتر ڪم ڪنديون جنھن مان عوام کي فائدو ٿيندو، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته نئين ٺهندڙ حڪومت کي اهو عرض آھي ته هي وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي رليف ڏئي جئين غريب ماڻهو خودڪشي کان بچي پئي، هر حڪومت جا ماڻهو اقتدار کان اڳ ۾ وڏيون ڳالهيون ڪري اقتدار ۾ اچي پنهنجا مفاد پورا ٿا ڪن غريب جي ڪير به سار ناهي لهندو، پهريون اهو عرض آهي ته خدارا پهرين مهانگائي ختم ڪري عوام کي ڪو رليف ڏيو وڃي هيڏي مهانگائي ۾ غريب عوام جو اڳتي وڌڻ مشڪل بڻجي چڪو آهي، سڄڻ جاني لکيو ته نئين حڪومت مان ڪا به اميد ناهي، پهريان انتقامي ڪارروايون ٿينديون، پوءِ بدامني وڌندي، گيس، بجلي پاڻي، تعليم، روڊ رستن جي سهولت نه ملندي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان رهندو، پوءِ عوام روڊن تي ايندو، فياض علي لکيو ته گذريل پندرنھن سالن کان جيڪا تباهي سنڌ اندر ٿي آ ان جو مثال ڪٿي به نٿو ملي سو آئنده به اسان اٻوجھن کي انھن ظالمن کان ساڳي ئي اميد آهي باقي رھي ڳالھه مسئلا حل ڪرڻ جي ته مسئلا کوڙ سارا آهن سڀ کان وڏو مسئلو ته اھي نالائق حڪمران آھن جن سمورا مسئلا پيدا ڪيا آهن، ماجد علي به سروي ۾ حصو ورتو، امان الله شيخ لکيو ته سڀ جعلي آهن، شاهد منگي به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.