سوال/سروي چاندي يا ٽامي جون ڊيسڪون آهن ڇا ؟ عوام پاران ڪاليجن لاءِ في ڊيسڪ 20 هزار ۾ خريد ڪرڻ ڪرپشن قرار

0
95
سوال/سروي چاندي يا ٽامي جون ڊيسڪون آهن ڇا ؟ عوام پاران ڪاليجن لاءِ في ڊيسڪ 20 هزار ۾ خريد ڪرڻ ڪرپشن قرار

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي ڪاليجن لاءِ 40 ڪروڙن جي مهانگين ڊيسڪن، ڪرسين ۽ المارين جي خريداري مڪمل ڪئي وئي آهي، في ڊيسڪ 20 هزار ۾ خريد ڪئي وئي ان خريداري کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن اهڙي خريداري کي ڪرپشن قرار ڏنو ۽ چيو ته چاندي ۽ ٽامي جون ڊيسڪون آھن ڇا؟ جو ايڏيون مهانگيون آهن؟ اهو به چيو ويو ته رڳو فرنيچر جي خريداري سان تعليم بهتر نه ٿيندي، بند پيل اسڪول کولرايا وڃن، زبون ٿيل اسڪولي عمارتن جي مرمت ڪرائي وڃي، اسڪولن ۾ استادن کي مقرر ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته سرڪاري مال کي ائين ته حلال ڪبو آھي تڏھن ته اڪثر ڪامورن جا پيٽ ٻاھر ھوندا آھن ھڪ ھمراھ جيڪو ڪامورو آھي چيائين يار کانوان گھڻو ئي ٿو پر پيٽ ٻاھر نه ٿو نڪري ان ڪري ٻيا منھنجي ليول وارا چوندا آھن تون ڪنجوس آھين يا روڙو نه ٿو ھڻين سو روڙو ته لازمي لڳندو، جنيد زرين جمالي لکيو ته اسان ته اھڙا حال ڏسي ڏسي ٿڪجي پيا آهيون،

محمد موسيٰ کٽي لکيو ته سنڌ حڪومت جو سنڌ جي اسڪول ۽ ڪاليجن لاءِ ڪيل فيصلو بلڪل سٺو قدم آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته  ضلعي بدين جي شهر ڪڍڻ جا چار اسڪول زبون حال  آهن، کٽي محلي جو پرائمري اسڪول  زبون حال، ميگهواڙ محلي جو اسڪول  زبول حال، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اسڪولن جي تعمير ڪرائي وڃي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه تعليم جو وزير سردار علي شاهه نوٽيس وٺي ۽ زبون حال اسڪول تعمير ڪرائي، وحيد ڄامڙو لکيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ فرنيچر جي کوٽ آھي اڪثر اسڪولن ۾ ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائي رھيا آھن اسڪولن جون عمارتون زبون حال آھن اسڪولن جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب روزانو ڪيترا ئي ٻارڙا زخمي ٿين ٿا اھڙن واقعن جون ميڊيا ۾ خبرون اچن ٿيون باقي اھڙا ڪوڙا بل تيار ڪري پئسا ھڙپ ڪيا پيا وڃن، خاموش خليل شر لکيو ته مهانگيون ڊيسڪون خريد ڪرڻ سان تعليم بهتر ڪونه ٿيندي، تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي تعليم جي بهتري ڪجي، ڊيسڪون ملڻ سٺو قدم آھي پر گهڻي قيمت جون ڊيسڪون خريدڻ جي ڪهڙي ڳالھه آھي، ڏھه هزار تائين جيڪڏھن ڊيسڪ ملي ٿي وڃي ته گهڻي رقم جي ڪهڙي ڳالھه ھئي،

ايم عشرت بروهي لکيو ته محنتي استاد ڀرتي ڪجن اهي سٺي تعليم جو ميار نه ڏين ته انهن کي شوڪاز ڏجي، بشير ميراڻي لکيو ته اها خريداري مبينا ڪرپشن آهي، هر سال اربين رپيا بجيٽ هوندي آهي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ فرنيچر جي کوٽ سان گڏ ڪا به بنيادي سهولت نه هوندي آهي صرف ٺيڪا ٿيندا آهن، بل منظور ڪري پئسا مبينا هڙپ ڪيا وڃن ٿا. ظهور جان خاصخيلي لکيو ته صرف سٺيون ڊيسڪون خريد ڪرڻ سان سنڌ جي تعليم ۾ بهتري ڪونه ايندي ان کان سٺو هو هن وقت جيڪي عمارتون زبون حال بڻجي چڪيون آهن انهن جي مرمت ڪرائي وڃي ها سنڌ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا بند پيل آهن، عامر کوسو لکيو ته رڳو ڪرپشن لڳي پئي آهي تعليم جو سڄو سسٽم تباهه آهي، قادر بخش زئور لکيو ته اھو ڪرپشن جو ھڪ طريقو آھي ٽيبل سادي ۽ جڳاڙي ھوندي بل وڏا ٺاھي ڪرپشن ڪئي ويندي، ممتاز علي سميجو لکيو ته ڪرپشن جو نئون طريقو آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته اها خريداري ناهي شاگردن سان دوکو آهي، سليم اختر لکيو ته اسڪولن تي ڌيان ڏيڻ سٺو عمل آهي ۽  سھولتون ڏيڻ جي ذميواري کڻڻ به لک لھي، ڊيسڪن ۽ ڪرسين جي خريداري سان گڏ اسڪولـن ۾ ٻيون سھولتون به ڏيڻ گھرجن،

اقرار چانڊيو لکيو ته سنڌ جي ڪاليجن لاءِ مھانگو فرنيچر خريد ڪرڻ سان ڪابه تبديلي نه ايندي سواءِ بجيٽ ھڙپ ڪرڻ جي، سيف لکيو ته اسان جي نواب شاهه جي ڊگري ڪاليج ۾ ڊيسڪون ته ڇا پيئڻ جو پاڻي به ناهي، منظور علي زرداري لکيو ته مهانگين ڊيسڪن سان تعليم ۾ سڌارو نه ايندو، راسومل لکيو ته اسان وٽ اسڪول ۾ ٽٽل بينچون اڄ به موجود آهن خريداري جي خبر ڪونه ٿي پئي، مسرور شر لکيو ته رڳو ڪرپشن آهي، غلام رضا راڄپر، شفيع محمد سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، عثمان علي جتوئي لکيو ته مهانگيون ڊيسڪون خريد ڪرڻ سان تعليم بهتر ڪونه ٿيندي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، شاگردن کان ھارين تائين رليف ملڻ ممڪن ئي ناھي، جاويد احمد لکيو ته سنڌ جو پئسو آهي احتياط سان خرچ ڪن،موهن لال لکيو ته گهڻي وقت کان ڪاليجن ۾ فرنيچر جي کوٽ هئي جنهن جي پورائي لاءِ مثبت قدم کڻڻ ساراهه جوڳو آهي رهي ڳالھه 20 هزار جي ڊيسڪ جي ته انهي ۾ شڪ جي گنجائش باقي رهجي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪرپشن عام جام آهي، علي گوهر سومرو، غلام نبي بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سنڌ جي ڪاليجن ۾ 20 هزار وارو فرنيچر ته نظر نٿو اچي، خالد حسين انصاري لکيو ته چاندي ۽ ٽامي جون ڊيسڪون آھن ڇا؟