سوال/سروي … چالان، چونڊيل نمائندن جي ڪوٽا، پنهنجا نوازي، رشوت، سياسي مداخلت ختم ڪريو: عوام نوڪرين لاءِ نئون نظام جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
10

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ ڪهڙي قسم جو نظام جوڙڻ گهرجي ؟ آخر ڪيستائين نوجوان ٽيسٽن جي چالان جي نالي تي ڦرجندا رهندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نوڪرين لاءِ نئون نظام جوڙيو وڃي، ڀرتين ۾ سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي، رشوت ۽ پنهنجا نوازي بند ٿيڻ گهرجي، چالان جي اوڳاڙي ختم ڪئي وڃي،  ٽاپ ٽو باٽم مارڪن موجب نوڪريون ڏنيون وڃن، نوڪرين لاءِ ايپ ٺاهي وڃي، جتي سمورو رڪارڊ آن لائن هجي، چونڊيل نمائندن جي ڪوٽا ختم ڪئي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد جان ڪيريو لکيو ته جڏھن نوڪريون پيسن تي وڪامجن قابليتن جا جنازا نڪرن نوجوان ڊگريون حاصل ڪري ڇولا کپائن، پٽ کي پڙھائڻ لاءِ پيءُ جي زندگي ختم ٿي وڃي وري به نتيجي ۾ ساڳيو ھارپو ساڳي مزدوري ته سنڌ جي ٻارڙن کي ڪيئن يقين ڏيارجي ته تعليم مستقبل ٺاھيندي.. ڪريم بخش لکيو ته جنهن گھر ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو اهل هجي انکي نوڪري ڏني وڃي ته اهو ملازم ڪرپشن به نه ڪندو ۽ ان عمل سان ملڪي حالتون به بهتري طرف وڃي سگهن ٿيون، معشوق علي لغاري لکيو ته سٺي ساک رکندڙ ادارن جي ذريعي سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن جنهن سان محنتي هوشيار قابل نوجوان ڀرتي ٿيندا، مير وسيم عباس لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته چالان واري پاليسي کي ختم ڪري قابليت رکندڙ نوجوانن کي ميرت تي نوڪريون ڏنيون وڃن، ممتاز علي سميجو لکيو ته ٽيسٽ ڪنهن سٺي ساک واري اداري ذريعي فري آف ڪاسٽ ورتي وڃي ميرٽ کي اوپن رکيو وڃي پورو ٽيسٽ رڪارڊ آن لائن رکيو وڃي پاس اميدوارن کي ٽاپ ٽو باٽم اسڪلز بنياد تي آرڊر ڏنا وڃن، ڪمپلين جو اهڙو نظام رکيو وڃي جو ڪنهن به اميدوار کي ڪا به سياسي سفارش يا سسٽم اندر ڪا گڙٻڙ نظر اچي ته ان جي ڪملپين جو ازالو از جلد اوپن نموني ڪيو وڃي. شاهه  محمد رستماڻي لکيو ته نوجوان ڪافي دل شڪسته ٿي پيا آهن چالانن خاطر، منظور احمد لکيو ته هڪ اهڙي ايپ هجي جنهن ۾ گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ نوڪريون هجن اتي آن لائن اپلاءِ ڪري سگهجي، اسد علي لکيو ته سنڌ ۾ مختلف ادارن ذريعي نج ميرٽ يعني وڏي رقم عيوض وڏي اسڪيل جون نوڪريون ……قمر الدين سومرو لکيو ته حڪومت صرف غريبن جي رت پيئڻ ۾ مصروف آهي، شاهد لاشاري لکيو ته آءِ بي اي پاس اسٽوڊنٽس کي نوڪريون ڏيڻ گهرجن جن گريڊ 5 کان 15 تائين ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، بشير سنڌي لکيو ته انٽريو وٺڻ مطلب ذليل ڪرڻ آهي، وحيد علي راڄپر پنج لک ڊائريڪٽ نوڪري جا، غلام شاهه نظاماڻي لکيو ته انٽرويو نه ھجڻ گھرجي، جميل لکيو ته سمجهه ڪونه ٿو اچي، اويس پنهور لکيو ته ننڍيون نوڪريون ٽيسٽ جي بنياد تي بنا انٽرويوءَ جي ڏيڻ گهرجن، اياز کهاوڙ لکيو ته سنڌ ۾َ ميرٽ جو نظام جوڙي ۽ فري آف ڪاسٽ فارم جمع ٿيڻَ گهرجن ان ڪري جو هڪ اڳ بيروزگار وري مٿان چالان . غريبن لاءِ وڏو ويل آهي، محرم قادر بلوچ لکيو ته جيڪڏهن نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻيون آهن ته پوءِ هڪ کان پندرهن گريڊ جون نوڪريون ڪنهن ٿرڊ پارٽي کان ڀرايون وڃن آئي بي اي يا ڪنهن مڃيل اداري کي شامل ڪيو وڃي، باقي واڪ انٽرويو ذريعي نوڪريون نه ڏنيون وڃن، واڪ اِن انٽرويو جي ايتري اهميت جو ڪنهن به ماڻهو ڪال ڪئي ان جي سفارش هلي ويندي چاهي اهو انٽرويو ڏيندڙ ڇو نه ٻڪراڙ هجي ان ۾ ميرٽ جو جنازو ٿو نڪري، طارق راڄپر لکيو ته سنڌ ۾ نوڪرين کي صاف شفاف بڻائڻ لاءِ اھڙي ٽيم ٺاھي وڃي، جنھن جو پري پري تائين سياسي پارٽين سان ڪو به واسطو نه ھجي ۽ ٽيسٽ وٺڻ وارو ادارو به اھڙو جوڙجي. جنھن سان بلڪل برابريءَ ۽ انصاف جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن. چالانن کي 1500 کان گھٽ ڪري 300 رپين تائين آندو وڃي. نھچل داس پرمار لکيو ته ٽيسٽون ڪنھن سٺي ساک رکندڙ اداري کان وٺي،انٽرويو شرط ختم ڪري، پاس ٿيندڙ اميدوارن کي اسڪلز جي بنياد تي ٽاپ ٽو باٽم آرڊر ڏنا وڃن. پاس ٿيندڙ اميدوارن لاءِ جيئن يونيورسٽين جي ٽيسن ۾ مختلف ڊپارٽمينٽ لاءِ سيٽن لاءِ چوائس رکي ويندي آھي ائين ئي چوائس رکي وڃي، ڪامران علي بوزردار لکيو ته 5 کان 15 اسڪيل لاءِ ڏنل ٽيسٽ پاس اميدوارن سان انصاف ڪيو وڃي سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان جيڪا ٽيسٽ ڪالعدم قرار ڏني وئي آھي اھو نوجوانن سان سراسر ظلم ڪرڻ برابر آھي خدارا ڪجھه احساس ڪيو ، پنج کان پندرھن اسڪيل لاءِ پاس اميدوارن کي جلد آفر آرڊر ڏنا وڃن، ساجد علي لغاري لکيو ته سڀ کان پھرين سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ جاب پورٽل جوڙڻ جي ضرورت آھي. جيئن نيشنل جاب پورٽل آھي. جنھن ۾ بس ھڪ دفعو اميدوار پنھنجا اڪائونٽ ٺاھين ۽ ھڪ دفعو چالان ڀري ڪري ٽيسٽ ڏين پوءِ انھي پورٽل تي سنڌ گورنمينٽ مختلف کاتن ۾ ويڪينسيون ظاھر ڪري انکانپوءِ انھي ٽيسٽ رزلٽ جي بنياد تي اميدوار اپلاءِ ڪري سگھن، جنھن مان اھو فائدو ٿيندو ته اميدوار ھر ھر چالان ڀرڻ کان به بچي ويندا ۽ ھر نوڪرين ۾ اپلاءِ به ڪري سگھندا. ان کانپوءِ سنڌ گورنمينٽ انھي پورٽل تي ٽيسٽ رزلٽ جي بنياد تي ميرٽ لسٽ لڳائي جنھن ۾ اميدوارن جو خرچ به گھٽ ٿيندو ۽ ميرٽ تي نوڪريون به ملنديون.نويد خان لکيو ته ٽيسٽ لاءِ آءِ بي اي بھتر آھي، باقي صرف ٽاپ ٽو باٽم مارڪن موجب ميرٽ ڪئي وڃي،۽ چالان في 500 ھجڻ گھرجي، ويٽنگ لسٽ 3 سال ۽ پاسنگ مارڪ 40 ھجڻ گھرجن بنا ڪنھن ھارڊ ۽ سافٽ ايرياز جي فرق سان.. لطف سنڌي لکيو ته تعليمي بورڊن ۾ سفارش ۽ رشوت ختم ڪري گريڊ ۽ مارڪون ميرٽ جي بنياد تي ڏين،ڪاپي ڪلچر ۾ اسڪول انتظاميا ڪردار ادا ڪري ٿي ٿرڊ پارٽي ٽيسٽنگ ادارن جي ضرورت ئي نه پوندي، باقي نظام ھٿ سان خراب ٿيل آھي اميدوار ويچارا پيا چالان ڀريندا آهن فزيڪل ڊوڙ پيا ھلندا پئسو ڏئي بنا ڪنھن تڪليف جي وڏيري جو پٽ ھر کاتي ۾ 14/15/16 گريڊ جو آفيسر ٿيو وڃي محنتي مون جھڙا وتن ٿا روڊن تي ڊڪندا، ريحان خورشيدي لکيو ته سدائين سنڌ سان ظلم ٿيندو آهي ڇو ته هتي وڏيرن جي حڪومت آهي ان ڪري عوام سدائين پريشان رهي ٿو، سميت ڪمار لکيو ته هتي پئسوهلي ٿو، اهڙو نظام جوڙيوويو آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته آءِ بي اي سکر جي معرفت نوڪريون ڏنيون وڃن، گل حسن شر لکيو ته چالان وارو سسٽم ختم ڪرڻ گھرجي نوجوانن کان درخواستون وٺي تعليمي سند مطابق سوال ڪرڻ گھرجن ھتي پوليس ڪانسٽيبل جي انٽرويو جي پرچي ۾ اھڙا سوال ھوندا آھن جيڪي ماسٽرس ڊگري وارو حل ڪري سگھندو جيڪڏھن تعليمي قابليت ميٽرڪ رکو ٿا ته سوال به لاڳاپيل نصاب مطابق ھجڻ گھرجن باقي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو سٺو سورس ھجي يا ڳري رشوت ھجڻ گھرجي اھا ئي حقيقت آھي. بيوس اربيلو ڏاهاڻي جڏھن نوڪريون پيسن تي وڪامجن قابليتن جا جنازا نڪرن نوجوان ڊگريون ڪري ڇولا کپائن، اتي تعليم ڪيئن مستقبل ٺاهيندي، سنڌ ۾ نوڪري  هميشه پئسي وارن کي ملي ٿي، محمد فياض وساڻ لکيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن چالان وارو سسٽم ختم ڪرڻ گھرجي نوجوانن کان درخواستون وٺي تعليمي سند مطابق سوال ڪرڻ گھرجن ھتي سنڌ حڪومت ھر ڀيري چالان جا پيسا ڀرائي اربين روپيا ڪمائي رھي آھي ، خدارا سنڌ واسين سان ظلم بند ڪيو، عمران علي به سروي ۾ حصو ورتو، منظور علي زرداري لکيو هت نوڪرين جو چالان ختم ٿيڻ گھرجي نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وڃن سنڌ ۾ سروي ڪئي وڃي ڪنهن گهر ۾ نوڪري آهي يا نه جنهن گهر ۾ نوڪري نه آهي ان کي نوڪري ڏني وڃي جنهن گهر سڄي خلق نوڪرين ۾ ھجي وري به انهيَ گهر ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون ته بيروزگاري وڌندي ويندي، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ ۾ حڪومت کي گهرجي ته قانون مطابق اهڙي ميرٽ جي بنياد تي پاليسي جوڙي وڃي جنهن تحت غريب شاگردن کي اهليت جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن، اسان 1 کان 4 ۽ 5 کان 15 نوڪرين واري ناانصافي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته خدارا ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏئي نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ سي ايم هائوس جو گهيرو تنگ ڪندا. گل حسن خاصخيلي لکيو ته سنڌ ۾ اگر ميرٽ کي ترجيح ڏني وڃي ته سردارن، ڀوتارن ۽ منسٽرن کان نوڪرين کي پري رکيو وڃي سنڌ ۾ميرٽ جو ٻيڙو غرق ڪندڙ ڀوتارڪو نظام آھي منسٽرن کي ڪوٽا سسٽم تي نوڪريون ملنديون آھن انھن نوڪرين لاءِ ڊمانڊ نوٽيس چالان فيس ذريعي ريزڪي ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو. محمد حسين لکيو ته سنڌ ۾ جيڪو نظام هلي پيو هر ڪنهن کي خبر آهي نوڪري مفت ۾  ڪنهن کي ناهي ملندي نوڪرين جي نالي تي غريبن کي پريشان ڪيو وڃي ٿو پنهنجي من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون غريب ماڻهو آسرن ۾ هوندا آهن، احسان علي چانڊيو لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انٽرويو پاليسي ختم ڪري صرف ٽيسٽ ۾ جيڪي پاس اميدوار ٿين ٿا انهن کي ٽاپ جو باٽم آرڊر جاري ڪيا ويا وڃن، محبتي مڪيش جيپال لکيو  ته چالان کان پهرين ٽيسٽون ورتيون وڃن جيڪي پاس ٿين انهن کان چالان جا پئسا ورتا وڃن جيئن غريب ماڻهو خرچن کان بچي سگهي، شيراز احمد لکيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به نوڪري جو ذمو آءِ بي اي سکر کي ڏنو وڃي، مير وسيم عباس لکيو ته ميرٽ تي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، جيئن سنڌ مان غربت ختم ٿئي، مختيار مولائي لکيو ته جيستائين رشوت ختم نه ٿيندي ڪاپي ڪلچر ختم نه ٿيندو تيستائين اهو نظام ايئن هلندو، زوهيب لاڙڪ لکيو ته ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي، نوجوانن کي اڳتي آندو وڃي، نوڪريون ڏنيون وڃن.