سوال/سروي … پ پ ۽ متحده جو تڪرار ڊرامو قرار، سڄي ويڙهه حصي جي آهي، نوجوانن سان ظلم بند ڪريو، ٽيسٽون پاس ڪندڙن کي نوڪريون ڏيو: عوام

0
14

 ٽائيم نيوز ٽي وي چينل جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته 54 هزار نوڪرين تان پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آمهون سامهون: متحده پاران ڏکڻ سنڌ سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جو مطالبو، شهري علائقي واسين لاءِ 1 کان 15 گريڊ جي نوڪرين جي به گهر ڪري ڇڏي: متحده جي مطالبي ۽ پ پ سان تڪرار کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پ پ ۽ متحده جو اهو ڊرامو آهي، اهي ٻئي پارٽيون پاڻ ۾ مليل آهن، سڄي ويڙهه حصي جي آهي، پر پ پ ۽ متحده جي حصي واري ويڙهه ۾ سنڌ جي نوجوانن جو نقصان ٿي رهيو آهي، جن اميدوارن ٽيسٽون پاس ڪيون آهن انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ظلم آهي، نوجوانن ڪروڙين رپيا چالان جي مد ۾ ڀريا آهن نوڪريون انهن جو حق آهي، سروي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڏکڻ سنڌ سيڪريٽريٽ واري مطالبي کي به رد ڪيو ويو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته ٻئي پارٽيون وفاق ۾ گڏ ۽ سنڌ ۾ مخالف هي سڀ ڊرامو آھي عوام کي اصل بنيادي مسئلن کان پري رکڻ جي لاءِ شوشا بازي پيا ڪن، بلاول ڪورائي لکيو ته مان 1 گريڊ خان 4 گريڊ جا انٽرويو 41 ادارن ۾ ڏنا پر آڊر نه مليو سڀ آرڊر ڊي سيز پيسن تي کپايا ۽ سياسي ماڻهن کي ڏنا، ايڊووڪيٽ عمران لغاري لکيو ته اھي سڀ ڊراما عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن پي پي ۽ ايم ڪيو ايم ھڪ پيج تي آهن، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته سنڌيءَ ۾ ھڪ چوڻي آھي ته ، وڙھن سان لتاڙجن ٻوڙا، سو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي تضاد جي ڪري بيروزگار ٽياس تي ٽنگيل آھن. ھي وري به پاڻ ۾ ٺھي ويندا پر بيروزگاري جو عذاب وري عوام ڀوڳيندو، فاروق احمد لکيو ته ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن نوڪرين جو خير آ اسان کي امن ڏيو شڪارپور ضلعي ۾ ڌاڙيل سٺا ڪپڙا پاتل شخص جا جسم مان ڪپڙا لاھي ويا اڃا وڏو وزير،گھرو وزير،آءِ جي سنڌ چون ٿا ته امن امان آھي سنڌ ۾ قسم سان چوان ٿو ته وڏو وزير بنا پروٽوڪول جو اچي اتر سنڌ ۾ ته ڌاڙيل ڦري ويندس. منير کوسو لکيو ته بس سنڌي قوم کي چريو ڪيون ويٺا آهن، آصف علي گولو لکيو ته متحده قومي موومينٽ ۽ پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن وقت ته پڙهيل لکيل نوجوانن جي مستقبل سان راند کيڏي چڪا آهن، پنهنجي ذاتي مفادن خاطر غريب بيروزگار نوجوانن کان 1 کان 4 گريڊ ۽ 5 کان 15 گريڊ وارين نوڪرين تي به تڪرار بڻائي اميدوارن سان سراسر زيادتي ڪئي وئي آهي. آفتاب سومرو لکيو ته سڀ ڊرامو آ، رحمان رضا تنيو لکيو ته سڀ ڊراما آهن، ايم ڪيو ايم کي ڪراچي وارا سمجهي ويا آهن، شاهد بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪري، اي ڪي مهر به سروي ۾ حصو ورتو، اياز کهاوڙ لکيو ته هي هميشه جيان رڳو ڊامو رچائي غريب عوام کي بيوقوف بڻايو ويندو آهي. جيڪو ساڳيو هاڻَ به ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جيڪو تمام گھڻو شرمناڪ عمل آهي، خالد لغاري لکيو ته ڊرامو آهي، ھي بجيٽ وارو اجلاس سڪون سان ٿيو اپوزيشن ڪو به احتجاج ڪونه ڪيو، انهن ڪا به پارليامينٽ جي فلور تي مزاحمت ڪونه ڪئي، نوڪريون ڏنيون وڃن آزاد شفاف طريقي سان، باقي جيڪو ٿيو آهي اھو بھترين ٿيو آهي ورنه اھي نوڪريون وڪامي ويون ھنيون، عبدالستار انڙ لکيو ته هڪڙن سنڌ جي شهرن کي تباھ ڪيو، ٻين وري سنڌ جي ادارن کي تباھ ڪيو، وڌيڪ هر پڙهيل لکيل سنڌي کي خبر هوندي، پنهنجي سنڌ شروع کان آباد ۽ خوشحال هئي ۽ انشاءَالله رهندي، سنڌين کي ذاتي ۽ قبائلي تڪرار ڇڏي سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن لاءِ وڙهڻو پوندو، ٻهراڙي جا ماڻهو ڇا ڪراچي ملازمت لاءِ نه وڃن؟ حڪمران جماعت کي ست ڪروڙ سنڌين جو سوچي پوءِ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد ڪرڻ کپي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ ۾ هڪ نئون سياسي ڊرامو شروع ٿي ويو آهي، سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ هر قسم جون چالاڪيون اڃان تائين جاري آهي، سنڌ ۾ پ پ 17 سالن کان وٺي اڃا تائين حڪومت يا قبضو برقرار آهي، سنڌ جي تباهي ۾ هنن جو وڏو ڪردار آهي، سنڌ جا سمورا روڊ رستا تباهه ۽ برباد لڳا پيا آهن وري هنن سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، هاڻي 54 هزار نوڪريون اهي سنڌي عوام کي ڏياريو ته ڪجهه ڀلائي ٿيندي، باقي سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آمهون سامهون آهن، متحده وري هڪ نئون ڌمچر  شروع ڪيو آهي، هڪ نئون ڏکڻ سنڌ سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي هاڻي هنن جا اهي ڪم آهن ۽ شهري علائقي واسين لاءِ 1 کان 15 گريڊ جي نوڪرين جي به گهر به ڪئي آهي ۽ ٻيو متحده جي مطالبي ۽ پ پ سان تڪرار اهو ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هي سڀ ناڪام آهن، ساگر علي رضا لکيو ته متحده قومي موومينٽ ۽ پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن وقت ته پڙهيل لکيل نوجوانن جي مستقبل سان راند کيڏي چڪا آهن، پنهنجي ذاتي مفادن خاطر غريب بيروزگار نوجوانن کان 1 کان 4 گريڊ ۽ 5 کان 15 گريڊ وارين نوڪرين تي به تڪرار شروع ڪري اميدوارن سان سراسر زيادتي ڪئي وئي آهي. لطف سنڌي لکيو ته اھو سڀ سياسي ڊرامو آھي، سنڌ کي کائين ته پيا وڌيڪ ويڙھه کي سنڌ پرست ۽ مھاجر پرست ڊرامو چئي سگھون ٿا جيڪا نه کٽندڙ راند آهي منھنجي پيدائش کان اڳ شروع ٿي بابا وارا ٻڌائيندا آھن. ڪرم الله خان لکيو ته جيڪي به آھن مليل آھن ايم ڪيو ايم ھجي يا پ.پ ھجي ڊارمو آ سڄو، سنڌي قوم کي بيوقوف ٿا ڪن، آفتاب تيوڻو به متحده جي مطالبي جي تنقيد ڪئي، ساجد علي لغاري لکيو ته ھي سڄو انھن ٻن پارٽين جو سياسي ڊرامو آھي. ٻئي پارٽيون پھنجي پاڻ کي سٺو ثابت ڪرڻ ۾ پوريون آھن. سنڌ جي نوجوانن جو ڪو به سڄڻ ڪونهن. جن نوجوانن ھزارين رپيا چالان جا ڀريا ان کان پوءِ ٽيسٽون پاس ڪيون ان کان پوءِ وري سرٽيفڪيٽ لاءِ الڳ چالان جا خرچ ڀريا ۽ ٻن سالن کان نوجوانن کي نوڪري جي آسري ۾ رکي ڪورٽن ۾ ڪيس هلائيندا رھيا جنهن ۾ ڪيترائي نوجوان اوور ايج ٿي ويا. ان کان پوءِ جڏھن نوڪرين ڏيڻ جو وقت آيو ته وري نين ٽيسٽن جي تجويز ڏني وئي. سنڌ جي ٽيسٽ پاس نوجوانن سان تاريخي ظلم ڪيو ويو. ڪيس ۾ نئين سر جي ته ڳالھه ھي ڪونه ھئي پوءِ سنڌ حڪومت نئين سر ٽيسٽ ڪرائڻ جي تجويز ڇو ڏني؟ پھرين ٽيسٽ ۾ پاس ٿيل نوجوانن جو حق ڇو پئي کسي؟. خدارا سنڌ حڪومت پھرين 5 کان 15 واري ٽيسٽ پاس نوجوانن جو حق نه کسي. انھن نوجوانن کي پنھنجو حق ڏي. نويد انور ملڪ لکيو ته سڄي ويڙهه حصي جي آهي، پ پ پنهنجي مرضي سان نوڪريون ڏئي رهي هئي، ايم ڪيو ايم کي ڪجهه نه ملي رهيو هو هاڻي ايم ڪيو ايم وارن کي ڪجهه حصو ملندو، ايم ڪيو ايم وارن ڪراچي کانسواءِ باقي سنڌ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ تي اعتراض ڪيو آهي ۽مطالبو ڪيو آهي ته رڳو ڪراچي واسين کي نوڪريون ڏيو، ايم هاشم ميراڻي لکيو ته انهن ماڻهن سنڌ کي تباھه ڪيو آهي، محمد مري لکيو ته ٻين اشوز تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ايئن ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته هي هڪ ٻئي جا اتحادي آهن صرف عوام کي بيوقوف ٿا ٺاهن عوامي مفادن جي جنگ ناهي نوڪريون کپائڻيون اٿن، انعام اڄڻ به ردعمل ڏنو، الطاف عباسي لکيو ته سڀ ڊرامو آهي، ملي ڀڳت آهي، شهزاد علي شر لکيو ته حصي تي جهيڙو آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته صرف ڊرامو آهي ٻيو ڪجھه به نه آھي، برڪت کوسو لکيو ته ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آهن، فيصل بلوچ به ردعمل ڏنو، سميت ڪمار لکيو ته سياست نالو ئي ان جو آهي ، وزير علي لکيو ته ٻئي ڊراميباز آهن، حاڪم علي جاکرو لکيو ته جيڪي ڇوڪرا 3 سال انتظار کانپوءِ اوور ايچ ٿي ويا آهن انهن جو ڇا ٿيندو؟ ساحل سنڌي لکيو ته ٻنهي جو ڪم تباهي ڪرڻ آهي پوءِ ايم ڪيو ايم ڪري يا پي پي وارا ڪن، فرحان علي لکيو ته ٻنهي جو ڊرامو آهي، گل حسن شر لکيو ته ايم ڪيوايم جو مطالبو اجايو آھي سنڌ جي عوام پ پ کي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آھي ته پ پ اڪثريتي پارٽي ھجڻ سبب فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آھي ڪنھن جي پريشر ۾ اچڻ جي ڪا به ضرورت ناهي باقي اسان ھن اوھانجي فورم جي وسيلي سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته عمر جي حد ۾ رعايت ڏني وڃي ۽ وڌ ۾ وڌ عمر جي حد 35 سال ڪئي وڃي ڇا جي ڪري ته وڏي عرصي کان نوڪرين جي انتظار ۾ ويٺل نوجوانن جون عمريون مقرر حد کان چڙھي ويون آھن ۽ وڏي تعداد ۾ نوجوان نوڪرين جي ڊوڙ کان ٻاھر ٿي ويا آھن، نويد خان لکيو ته نوڪرين لاءِ ٽيسٽ آئي بي اي ورتي آھي ته  ڀرتيون به آئي بي اي پاڻ ڪري، حافظ راڄپر لکيو ته هي هميشه جيان رڳو ڊامو رچائي غريب عوام کي بيوقوف بڻايو ويندو آهي. جيڪو ساڳيو هاڻَ به ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جيڪو تمام گھڻو شرمناڪ عمل آهي، ايم زمان بروهي به ردعمل ڏنو.