پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف سوشل  ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، عوام پاران پيٽرول اگهن ۾ ڪيل واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي روڊن تي اچڻ جو به چتاءُ ڏنو ويو، ان سلسلي۾ محمد وارث پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت پيٽرول 7 رپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو، عاصمه ميمڻ لکيو ته ستل قوم کي مبارڪون، پيٽرول 7 رپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، ايم بي بلوچ وزيراعظم شهباز شريف جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته شبانه شبانه ڪري ڊيزل ۽ پيٽرول وڌائي ڇڏيو، ضمير احمد سولنگي لکيو ته پيٽرول 7 رپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي اڄ کان سمورن ٽول پلازه جي قيمتن ۾ 30سيڪڙو اضافو لاڳو ٿي ويو، اياز ستار پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول ڊيلرز پاران 5 جولاءِ تي سوري ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ارسلام خادم راڄپر لکيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 45 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 56 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 5 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. محمد آصف لکيو ته 7 رپيا پيٽرول چڙهڻ کانپوءِ هڪ ئي رات ۾ اٽو 200 رپيا ڪٽو چڙهي ويو، چانور به مهانگا ٿي ويا، ڇولا به مهانگا ٿي ويا، گيهه جا اگهه آسمان تي چڙهي ويا، انتظاميا مڪمل خاموش آهي، ڪامران علي سولنگي لکيو ته پيٽرول 7 رپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، رياض ولي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪومت پيٽرول 7 رپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، سرور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول 7 رپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، محمد عرس به پيٽرول اگهن ۾ واڌخلاف پوسٽ شيئر ڪئي، وفا بروهي به پيٽرول اگهن ۾ واڌ کي رد ڪيو، آصف علي ڀرڳڙي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 25 هزار پگهار واري لاءِ پيٽرول 271 رپيا ليٽر ۽ 5 لک پگهار واري لاءِ مفت ۾؟ ٻڏي نٿا مرو، زوهيب ڪلهوڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوام کي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف نڪرڻو پوندو، رضا حسين لکيو ته پيٽرول ڊيلرز پاران 5 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوبدار سومرو، مجيب جان بوزدار، نصرالله دايو، شمن بلوچ، ظفرالله پٺاڻ، رفيق ٿهيم، ڊاڪٽر علي اصغر، ممتاز ميمڻ، سرفراز جوکيو، ممتاز علي ملاح، اسلم راز، رضوان علي، روشن علي ابڙو، اسد علي ڪالادي، آڪاش دل، عطاءُالله خاصخيلي، محبوب علي بگٽي، اوشاق ڄامڙو، فراز علي سيٺار، حافظ امداد الله شر ۽ ٻين به پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف ردعمل ڏنو، پوسٽن ۾ لکيو ويو ته حڪومت پيٽرول 7 رپيا 45 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 56 پئسا لٽر مهانگو  ڪيو آهي، فوري طور اهو اضافو واپس ورتو وڃي، مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي.