سوال/سروي … حڪومت ريسڪيو ۽ رليف ۾ ناڪام قرار: سرڪاري فنڊ ڪٿي خرچ ٿيا؟ ماڻهو پاڻ هڪٻئي جي مدد ڪن پيا: عوام

0
419

  ڇا اوھان جي علائقي ۾ سرڪار ريسڪيو ۽ رليف جون ڪوششون ورتيون آھن؟ ڇا قوم رڳو “امداد” تي هلندي، سرڪار ڇا پئي ڪري؟ سرڪاري فنڊ ڪٿي خرچ پيا ٿين، آهن ڪي انگ اکر؟ ڇا سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي ترسائڻ لاءِ ڪي ٽينٽ سٽي قائم ٿيون آهن؟ مقامي انتظاميا ۽ صوبائي حڪومت جو ڪردار اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ريسڪيو ۽ رليف ۾ حڪومت ناڪام وئي آهي، سرڪار ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، ماڻهو پاڻ تحت هڪٻئي جي مدد ڪري رهيا آهن، بند به پاڻ ٻڌي رهيا آهن، ڪيمپون قائم ڪري رهائش سوڌو راشن به عام ماڻهو ڏئي رهيا آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عزيزالله سومرو لکيو ته سرڪار ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، فرمان بلوچ لکيو ته ڳوٺ عبدالغني بوزدار يوسي ٻيرڙي گھوٽڪي مڪمل ٻڏل آهي ھن وقت ڪنهن چونڊيل نمائندي يا ڊي سي واهر ناهي ڪئي، سعيد رونجها لکيو ته سم نالي کي پيرڪهور وٽان 3 گهارا پوڻ سبب ماڻهو 15 ڏينهن کا مٺڙائو ڪينال تي کليل آسمان ويٺل آهن، ڊي سي سانگهڙ ناهي آيو، الياس سومرو لکيو ته اسان وٽ پي ايس 78 سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر ۾ سرڪاري نظام سيلفيون پيو ڪڍي، باقي ذاتي طور ماڻهو ھڪ ٻئي جي مدد ڪن پيا، سريش سنڌي لکيو ته تعلقي سنڌڙي جي شھر ڦلهڏيون ۾ ڪنهن به انتظاميه  متاثرن جي ڪا واهر ڪانه ڪئي چونڊيل نمائندا هن ڏکي وقت ۾ گم آهن، شعيب سليم شورو لکيو ته حڪومت رڳو مال ميڙڻ ۾ پوري آهي، رئيس ميهر خان چانگ لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ڳوٺ رحم علي چانگ ۾ ڪو به نمائندو نه آيو آهي، رياض امر ٻجورو لکيو ته سرڪار پاران ڏنل 25000 انھن مان متاثر ماڻھن جا ڊَٺل گھر ڪونه ٺھندا ماڻھن کي روزگار گھرجي متاثر ماڻھن کي گھر گھرجن، حسين ٽانوري لکيو ته اسانجي تڪ جا چونڊيل نمائندا فضل شاھه ۽ ساجد ٻانڀڻ ھينئر تائين ظاھر ئي نه ٿيا آھن، سارنگ منير سومرو لکيو ته پوري سنڌ ۾ ڪٿي به رياست ۽ انتظاميا نالي شي ناھي سياستدان ۽ ڪامورا ھن وقت به انهي ڪرپشن واري چرپر ۾ مصروف آھن ته برسات متاثرن جي نالي فنڊ ۽ عالمي امداد ڪھڙي حساب سان ھڙپ ڪجي، پرويز خاصخيلي لکيو ته وارھ تعلقو خاص ڪري لعلورائنڪ ۾ ته هيل ڪجھه خرچ نه ٿيو آهي متاثرن تي باقي ائين آهي جو حڪومت ڌُر جا وائيٽ ڪالر ماڻهو فل ايڪٽوِ آهن، عبدالغفور سروهي لکيو ته سنڌ واحد ننڌڻڪو ۽ لاوارث صوبو آهي، جتي حڪومت ۽ انتظاميه نالي ڪا شي ناهي، گمبٽ تعلقي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ماڻهن جون زندگيون داء تي لڳل آهن، جتي رليف جي سخت ضرورت آهي، گل حسن شر لکيو ته اسان ورڪشاپ ۾ اڄ تائين ڪنھن به سرڪاري طور ٽينٽ يا سامان وغيرہ ملندي ناھي ڏٺو، عابد ڀٽي لکيو ته اسان جي علائقي ۾ امدادي ٽيمون پنهنجو ڪم ڪن پيون، خالد حسين لکيو ته خيرپورناٿن شاهه لڳ ڪاري موري وٽ مختلف ڳوٺن ۽ يوسيز جا ماڻهو جيڪي ٻوڏ متاثرين هڪ جگھه تي گڏ ٿيا آهن اتي نه پيئڻ جو صاف پاڻي آھي نه ئي ڪا ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي آھي، نه ئي وري متاثرين کي ڪو خيمو يا راشن بيگ مليو آهي، جتيش لکيو ته اسان جو شھر عمرڪوٽ ۾ متاثر ماڻھن جو تمام وڏو تعداد هتي ترسيل آهي، سرڪار پاران انهن کي ترسائڻ، انهن جي خوراڪ توڙي صحت لاء ڪي به اپاء ڪون ورتا ويا آهن، ظهور رند لکيو ته مقصودورند شهر جي آس پاس ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن سندن تڪ جو ڪوبه چونڊيل نمائندو يا ضلع انتظاميه سار ناهي لڌي، زاهد گل مجيداڻو لکيو ته انتظاميا گم آهي ڪو به نمائيندو برسات متاثر وٽ نه پھتو آهي، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته ٿرپارڪر ۾ جھڏو نئونڪوٽ توڙي ٻين شھرن مان آيل ٻوڏ متاثر روڊ جي ڪنارن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن حڪومتي مشينري توڙي ٿر ۾ سون جي تعداد ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن جو ڪم زيرو آھي، اياز لطيف رند لکيو ته تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل مويا غلام شاهه باگراڻي ۾ گذريل برساتن وڏي تباهيءَ ڪري ڇڏي آهي سوين ايڪڙ بيٺل ساريالو فصل ٻڏي ويو چونڊيل نمائندن توڙي سرڪاري آفيسرن ڊي سي وغيره يا ڪنھن به سرڪاري عملدار عوام جي ڪا به سار نه لڌي آهي. رضا خاصخيلي لکيو ته اسان جي ڳوٺ حسين آباد سميت سموري يوسي لياري تعلقي ڪوٽڏيجي ضلع خيرپور ۾ عوام کي ڪوبه رليف ناهي مليو، اصغر سولنگي لکيو ته تنگواڻي يوسي جمال ۾ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، امام علي ابڙو لکيو ته نئون ديرو ويجهو يوسي بهمڻ ۾ برسات متاثر هزارين ڳوٺاڻا بي گهر کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن هن مهل تائين ڪو به عوامي نمائندو سندن وٽ ناهي پهتو، سنتوش ڪمار لکيو ته اسان جي چونڊيل نمائندي اسماعيل راهو ڪڙيو گهنور جي راما پير پاڙو جي سار ناهي لڌي، فياض رحمان جوکيو لکيو ته ڪجهه ناهي مليو، حمزه خان لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ جيستائين هي ڊي سي آهي عوام کي ڪجهه نه ملندو، شوڪت بلوچ لکيو ته ڪاڇي ڊرگهه بالا جي ڳوٺن ۾ حڪومت ڪا مدد ناهي ڪئي، محبوب علي لکيو ته اسان جي تعلقي فيضگنج کي وساڻن ٻوڙيو، گلزار احمد درس لکيو ته ماڻهن کي سرڪار هٿ سان تباهه ڪيو آهي، اعجاز ملڪ لکيو ته هن حالتن ۾ مقامي انتظاميا ۽ حڪومت عوام جي سهائتا لاءِ جوڳا اپاءَ نه وٺي پنهنجو اعتماد وڃائي ڇڏيو آهي، زاهد حسين لاکو لکيو ته اسڪول ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪو به رليف ناهي مليو، انيل ڪمار لکيو ته سامارو ۾ ڪجهه ناهي مليو، عبداللطيف لکيو ته ملير جي علائقي شاهه ٽائون ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ ڪيمپ ته قائم ٿي آهي پر انتظاميا اڃان تائين اگهور ننڊ سُتل آهي، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت پيا گذارين. لال بخش ڪنگري تعلقي ۾ ڪنهن به خيما ناهن ڏنا، مشتاق چنا لکيو ته گهوٽڪي ۾ ڪارڪردگي زيرو آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته اسان جي ضلعي سجاول ۾ ڪي به ريسڪيو يا رليف ڪئميپون قائم ناهن ٿي سگهيون، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ٺل ۾ سنڌ حڪومت ريسڪيو ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام آهي ڊي سي يا مختيار ڪوئي به اپاءَ ناهن ورتا غريب بغير ڇت  روڊن تي ويٺا آهن، عبدالباسط راڄپر لکيو ته ڳوٺ يوسف موجائي محرابپور ۾ برساتي پاڻي جي ڪري وڏي تباهي ٿي آهي رليف ڪيمپ ناهي نه ئي راشن ڏنو ويو آهي، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، عبدالصبور ڦلپوٽو لکيو ته اسان جي تعلقي خيرپور ميرس ۾ مالدار طبقو به فقط پ پ پ جي ايم پي ايز کي فنڊ ۽ سامان ڏئي رهيا آھنجن پيسن ۽ سامان جو ڪوبه اَتو پَتو نه ٿو پوَي، عابد شر لکيو ته ٺري ميرواھ هيڊڪوارٽر ۾ اڃا تائين سرڪار جو نالو نشان ناهي شھري چندو ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ تي مجبور آھن، نماڻو نوناري لکيو ته سرڪار هٿ سان ميهڙ، ڪي اين شاهه جوهي جي تباهي ڪئي، ڪاشف لغاري لکيو ته ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي جي آسپاس جي سوين ڳوٺن کي برساتن، ۽ پُراڻ سِم نالن جي گھارن مڪمل ٻوڙي ڇڏيو آھي. مقامي ماڻھو گھارن ٻڌڻ، لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻھن جي ڀرپور مدد ڪن پيا، ڊاڪٽر عطاءُالله گولو لکيو ته سائين اسان وٽ ٺل ۾ ڪئمپن جو ھڪ نئون شھر اڏيو ويو آھي، اياز لطيف لکيو ته سانگھڙ ورڪشاپ ڳوٺ واڊڪي يوسي صدر ۾ ڪجهه ناهي مليو، قربان عالياڻي لکيو ته يوسي نيوڇور ۾ ڪابه ٽينٽ سٽي ناهي، ڪجهه ناهي مليو، محمد ملاح لکيو ته تعلقي ٽنڊي باگي کي ايل بي ڊي او کي هٿرادو ڪٽ هڻي بدين ضلعي کي ٻوڙي رليف ڪئمپون قائم ڪري انهن کي رليف ڏيڻ بجاءِ بکن ۽بيمارين ۾ مبتلا ڪري سمورو ٻوڏ متاثر جو مال جمع ڪيو پيو وڃي، شيراز احمد لکيو ته اسان وٽ ڪا به سرگرمي ناهي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته ٺل جو مختيارڪار متاثرن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، بشير ميراڻي لکيو ته رڳو دورا ڪن ٿا، سني شيخ لکيو ته پٿوري ۾ ٻوڏ دوران سرڪاري ادارا ۽ مقامي سوشل ورڪر رليف جو ڪم بھترين نموني ڪري رھيا آھن، غلام حسين راهوجو لکيو ته حڪومت کي برسات متاثرن جي مدد لاءِ آمريڪا 2 ارب 20 ڪروڙ ۽ وفاقي حڪومت 37 ارب روپين جي گرانٽ ڏني آهي پر پوءِ به ماڻهن کي نه رهڻ لاءِ ٽينٽ مليو آهي ۽ نه کائڻ لاءِ ماني، ظفر رند لکيو ته مقصودو رند ۾ ڪا امداد ناهي، آصف چانڊيو لکيو ته وارھ کي ھٿ وٺي سرڪاري عملدار ٻوڙي رھيا آھن، شنڪر لال، حاجي اسماعيل لغاري، امتياز جمالي، الطاف حسين، بهادر علي، نور محمد ڪنڀر، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي، شاهد شر، عبدالعزيز، مولائي اسد ماڇي، مجاهد مهر، رحمت الله شر، دليپ ڪمار، ممتاز علي ميمڻ، خادم ايچ سومرو، مظفر شبير بوزدار، سلطان علي، اعجاز شورو، مخدوم مينهل، صدام حسين بوزدار، رياض ڪولاچي، غلام ياسين، نادر علي خان، اياز ڦلپوٽو، ڌڻي بخش ڪيهر، معشوق علي باگراني، محمد فيض، شاهد شر، فهد علي، محمد خان، تيرٿ، ظفر جمالي، جان محمد لغاري، فيصل سيٺار، ميانداد مري، ممتاز علي ڪڙمون، ذاڪر علي سنڌي، ارشاد علي مستوئي، احمد خان پنهور، رضا خاصخيلي، ارشاد علي شر، نثار هالو، حبيب راڄپر، شهباز علي چانڊيو، سرفراز، قادر شر، لياقت وگهيو، شهزاد رضا ملاح، قربان ميراڻي، رزاق ڍاٽي، نياز محمد خواجه، حاڪم علي ڪٽوهر، غلام رسول راهمون، عبدالجبار چانگ، نجيب الرحمان، انجان سهندڙو، سردار لطيف، عاشق حسين شر، شبير سهتو، خواجه زوهيب عباس، لالچند، مجاهد رند، محبوب علي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.