سوال/سروي … برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا غائب آهي: عوام جون دانهون

0
113

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برسات کانپوءِ اوهان جي شهر جي صورتحال ڇا آهي ؟ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا غائب آهن، مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، بجلي به بند آهي، برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشانيون ختم ڪيون وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نصير بلوچ لکيو ته برسات اسان جي شھر ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي، روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، زندگي مفلوج بڻيل آھي، انتظاميا غائب آھي، برسات کان پوءِ مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي، بجلي پڻ غائب آھي پر ميونسپل انتظاميا مڇر مار اسپري سميت ڪي به اپاءَ نه ورتا آھن، شڪيل احمد لکيو ته  راڻيپور ۾ برسات اڳ جي ڀيٽ جيان تمام گھڻي نظر اچي رھي آھي. پر اسانجي شھر توڙي پوري تعلقي صوڀوديرو جي اھا ئي حالت لڳي پئي آھي. ٽائون ڪاميٽيءَ جا ڪي چند ڪچا ملازم پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو ڪم ڪندي نظر اچن پيا. پر وڏين ۽ سڻڀين پوسٽن تي ويٺل صرف مال ميڙڻ ۽ سڀ ٺيڪ آھي جو راڳ ڳائڻ ۾ رڌل آھن. جيڪي اسانجي شھر راڻي پور جي اھا حالت آھي جو شھر جو ڪو رستو يا گھٽي نه ھوندي جتي برساتي پاڻي بيٺل نه ھجي. ايتري تائين جو گذريل ٽن ڏھاڙن کان شھر جي تاريخي قبرستان عسيو لاکو ۾ ڊرينيج سسٽم بند ھجڻ ڪري سموري گندو ۽ برساتي پاڻي قبرستان ڏانھن وڌي رھيو آھي ھتان جي ٽائون ڪامٽي سميت پبليڪ ھليٿ ڪٿي به ڪو ڪم ڪندي نظر نه پئي اچي. ويتر ھاڻي ته مڪمل طور تي منظر تان غائب ٿي ويا آھن بس ھاڻي ان تي صرف افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. شنڪر لال لکيو ته اسان وٽ برسات ڪانهي پوءِ جي صورتحال تمام خراب آھي ۽ انتظاميا طرفان عملي ڪم تمام سستي سان ٿي رھيو آھي. خواجه نياز محمد لکيو ته گذريل برساتن کان هن برساتن تائين رپڙي ۽ ڀرپاسي ڪٿي به انتظاميا چونڊيل نمائندا نظر ڪونه ٿا اچن، پاڻي نيڪال ڪير ڪندو، اميدِ سحر لکيو ته سانگھڙ شھر ۾ ميونسپل چيئرمين ڪوششون وٺي رھيو آھي . تاريخ ۾ پيپلزپارٽي جو ھي پھريون چيئرمين آھي ان ڪري ھن تي وڏو دٻاءُ آھي بهرحال ھو فيلڊ ۾ عوام سان گڏ آھي اھا ئي آٿت ڪافي آھي. اياز علي راهوجو لکيو ته روڊ رستا ويران علائقو گندگيءَ جو ڍير گٽر بند بجلي غائب گيس جي لوڊشيڊنگ اها صورتحال آهي اسان جي علائقي پپري ڪراچي ۾، ڪو به والي وارث ناھي نه ڪو نمائندو ظاهر آهي اھو آھي، سعيد احمد لکيو ته شڪاپور شهر جي تمام حالت خراب ٿي وئي آهي روڊ رستن تي ڪنو نالي جو پاڻي وهي ٿو عقيل عباس چئرمين هيو ته رستا چمڪندا هيا ان مان ثابت آهي ته سومرو ڪرپشن ناهي ڪندو هن ٽائيم شڪارپور جو ڪنٽرول ٻين وٽ آهي، محمد فياض وساڻ لکيو ته اسان وٽ برسات ڪانهي پوءِ جي صورتحال تمام خراب آھي ۽ ضلعي انتظاميا ۽ عمو غائب آهي، گذريل برساتن کان هن برساتن تائين رپڙي ۽ ڀرپاسي ڪٿي به انتظاميا چونڊيل نمائندا نظر ڪونه ٿا اچن، پاڻي نيڪال ڪير ڪندو، اسلم سومرو لکيو ته کرڙاھ ۾ پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آھن مين روڊ تي ئي گپ گارو بيٺل آھي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته اسان جو ضلعو ڪنڌڪوٽ ته بغير برسات جي به ٻڏيو پيو آهي هاڻي ته کڻي برسات آهي، راجو ٺڪر لکيو ته برساتن ۾ اصل چپل مٿي تي آھن، راسومل لکيو ته اسان وٽ ٿر ۾ کنوڻ جاني ۽ مالي نقصان جام ڪيو آھي، زوهيب جتوئي لکيو ته پاڻي نيڪالي ٿئي ٿو، عبدالستار بلوچ لکيو ته اسان وٽ برسات ڪانهي پوءِ جي صورتحال تمام خراب آھي ۽ انتظاميا طرفان عملي ڪم تمام سستي سان ٿي رھيو آھي.. ڪلوئي شهر ۾ مڇرن جو آزار آهي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان وٽ شهر ڪڍڻ ۾ روڊ رستا هر ڳلي برسات پاڻي نيڪال ڪونه ٿيو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته شڪارپور سٽي جو مصروف ترين علائقي عيدگاهه لاڙائي محلا جاڳڻ روڊ وارڊ 30 جي حالت تمام بدتر آهي برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري تمام تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي آھي برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي عزادارن کي عزاداري ڪرڻ جو ۾ تمام گهڻي تڪليف آھي، اياز کهاوڙ لکيو ته اسان جي شھرن ۾ هر گهٽي توڙي محلي ۾َ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. بجلي جو سسٽم به درهم برهم لڳو پيو آهي صفائي عملو به مڪمل غائب آهي.شهري پنهنجي مدد پاڻَ تحت ڪوشش ۾ رڌل آهن صفائي ڪري رهيا آهن، فياض حسين راڄپر لکيو ته اسان جي شهر راڻي پور جو حال پهچندي روئي پوندي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي شهر ۾ ڪڏهن به چونڊيل نمائندا نظر ته ڪين ايندا آهن اگر ڪو غريب حق ۽ سچ چوندو آهي ته سندس مٿان ڪو نه ڪو سبب ڄاڻائي ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن.. سال پهريان گذريل برسات جيڪا تباهي مچائي سا ڪنهن کان به لڪيل نه آهي موسميات کاتي پاران هن دفعي اڳڪٿيون ڪرڻ باوجود انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ ئي ڪو اُپا ورتا ويا، اگر جيڪڏهن ٽائون انتظاميا ڀل ۾ اچي وئي ته تڏهن به فوٽو سيشن ڪري هليا ويندا آهن.. برسات راڻي پور جي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن جي پت وائکي ڪري ڇڏي برسات 10 منٽ پئي ٿي ته شهر جا مين روڊ رستا گهٽيون چوڪن چورائن تي پاڻي جا تلاءُ ٿي وڃن ٿا. پر افسوس انتظاميا صرف ئي صرف ڪرپشن ۾ پوري آهي عوام جي انهن کي ڪا به پرواهه ناهي. هن محرم الحرام جي عاشورن جي ڏهاڙن ۾ انتظاميا غائب آهي. عزادارن کي جلوس ڪڍڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ آهي دڪاندارن کي پڻ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي واپڊا عملي جي ناجائزي به جاري آهي، گذريل سال جيان هن سال ۾ برسات تباهي مچائيندي عوام کي ان جو پڻ خدشو آهي ٽائون آفيسر کي انتظاميا لاءِ چئو ٿا ته جواب ۾ چوي ٿو ته اسان جي ٽائون ۾ پئسا ئي ناهن نه وري ان سلسلي ۾ ڪا بچيٽ آئي آهي. بهرحال اسان جي شهر راڻي پور جو ڪو به والي وارث ناهي هر طرف پاڻي جا تلاءَ آهن، عامر مهيسر لکيو ته برسات جي پاڻيءَ چونڊيل نمائندن جي پَتِ وائکي ڪري ڇڏي آھي، راڻي پور شهر ھميشه جيان ھن دفعي به پاڻي ھيٺ نظر اچي رھيو آھي شهر جي مک گهٽين، چونڪن چوراھن تي پاڻيءَ جا وڏا تلاءَ ٿي ويا آھن ۽ ٽائون انتظاميه ھميشه جيان ھن دفعي به منظر عام تان غائب آھي، محرم الحرام جا عاشوري جا ڏينهن آھن حضرت امام حسين جي ياد ۾ نڪرندڙ جلوسن کي وڏي تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آھي ۽ رات جي وقت ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ مومنين کي وڏي ڏکيائي ۽ تڪليف آھي، ڪاروباري ماڻهن کي خريد فروخت ۾ وڏي ڏکيائي پيش اچي رھي آھي شهر ۾ پاڻي ھجڻ ڪري ڪاروبار کي وڏو ڌڪ رسيو آھي دڪاندار دانهون ڪري رھيا آھن شهر ۾ پاڻي ھجڻ ڪري ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آھن، برسات جي پوڻ شرط بجليءَ وارن جا به ٺٺ ٿي ويا آھن ڪيترائي ڪلاڪ بجلي غائب رھي ٿي ۽ گئس جي انتهائي لوڊشيڊنگ پڻ جاري آھي راڻي پور جو عوام عاشوري جا ڏھاڙا وڏي مشڪلات سان گذاري رھيو آھي ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناھي…!! ساگر امير حيدر لکيو ته شهر اسان جا برسات جي موسم ۾ گندگي جو ڍير بڻجن ٿا هڪ ڪلاڪ جي بارش بعد مهينو گپ چڪ گند رهي ٿو، اياز بلوچ لکيو ته اسان وٽ برسات اڃا ايتري نه پئي آهي انهن برساتن ۾ شهر جي اندر ٻاهر روڊن گهٽين ۾ پاڻي بيٺل آھي، ٽائون وارا ۽ تعلقي چيئرمين اڳ تيار ٿي ويٺا آھن پاڻي اچي ته ڪو اسان کي ڪجھه ملي. شهر ڏانهن نهارڻ لاءِ هنن کي اکيون ئي ناهن، مير سڪندر لکيو ته ڄامشوري ۾ ڪي به اپاءَ ناھن ورتا ويا، الياس سمون لکيو ته ڪيٽي بندر ۽ ٻگھاڻ گند ئي گند، سيلفيون ڪجهه ٿيون آهن باقي گپ ۽ گند آهي، صفائي ڪرائي وڃي.