سوئي گئس رپورٽ (ن پ ا) سوئي گئس ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻئي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو. تفصيل موجب سوئي گئس ۾ مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامهون زوردار ٽڪر ٿيڻ دوران هڪ موٽرسائيڪل سوار گل حسن ڳاهو روڊ تان گذرندڙ تيز رفتار ٽرڪ  هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏهن سائين بخش ولد سومر شر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور مقامي اسپتال پهچايو ويو. فوتي گل حسن ڳاهو سان گڏ موٽرسائيڪل سوار علي حيدر ڳاهو ٻڌايو ته موٽرسائيڪلن جو آمھون سامهون ٽڪر ٿي پيو. ان دوران گل حسن ڳاهو روڊ تان گذرندڙ تيز رفتار ٽرڪ هيٺان اچي فوت ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد فوتيءَ جي والد علي حسن ڳاهو حوالي ڪيو. ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس ٽرڪ نمبر AJKA 1095 کي  پنھنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاريو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.