سوئي گئس (خاص نمائندو) سوئي گئس لڳ مهراڻ هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽراليءَ کي بچائيندي سرنهن سان ڀريل ٽرڪ نمبر ٽي ڪي اي 488 ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڪجهه دير لاءِ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. سوئي گئس پوليس حادثي واري هنڌ پهچي مقامي ماڻهن جي مدد سان روڊ تان سامان هٽائي ٽريفڪ بحال ڪرائي. ٽرڪ ڊرائيور حاڪم علي جمالي ٻڌايو ته ٽريڪٽر ٽرالي کي بچائيندي ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي.