بدين (رپورٽر) بدين شهر جي رھواسي ٻن ٻارن جي ماءُ ثمرين زال دانيال ميمڻ پنهنجي ڀاءُ شهزاد ميمڻ، ڀيڻ صنوبر ميمڻ ۽ ٻين سان گڏجي ٻئي ڏينھن به احتجاج ڪيو، ثمرين ميمڻ داهيندي چيو ته سهرو زيادتي جو نشائي زندگي تباھه ڪري ڇڏي آهي، ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ آهي، والد محمد الرحيم ميمڻ ۽ ڀاءُ شيراز ميمڻ لالچ ۾ اچي سهري سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي  رهيا آهن، هن چيو ته منهنجي مٿان ڀاءُ ۽ والد تشدد ڪيو، بدين ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي، ھن چيو ته آپگهات ڪري ڇڏينديس سھري سان ٺاھ نه ڪنديس، هن چيو ته منهنجو مڙس گونگو آهي، هن چيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين نوٽيس وٺي انصاف ڪن، ٻئي صورت ۾ پنهنجي ٻن معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڻ کي باھه ڏئي پاڻ ساڙينديس.