سن ۾ قديمي قبرستان ۾ بااثر 12 ڄڻن جا لاش ڪڍرائي اجتماعي قبر ۾ دفنائي ڇڏيا

0
421
سن ۾ قديمي قبرستان

سن/ڄامشورو (نمائندن وٽان) سن جي قديمي شاھ حيدر قبرستان ۾ دفن ٿيل قديمي ملاح برادري جي وڏڙن جامڙهه قبرستان مان شھر جي بااثر ڪڍرائي ڇڏيا.
ذريعن موجب ڪجھه ڏينهن اڳ علائقي جي بااثر شخصيت ملاحن جي مردن عورتن ۽ ٻارن جون ٻارھن قبرون کوٽي انهن مان لاش ڪڍي انهن کي هڪ اجتماعي قبر کوٽي انهن ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ اھا ڳالهه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ به ڪنهن قانوني اداري اڃان تائين ڪو به نوٽيس ناھي ورتو، جنهن جي ڪري مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن ۾ تاءُ پکڙيل آهي.
سياسي سماجي اڳواڻن مطالبو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سن جي ملاح برداري سان انصاف ڪيو وڃي.
سن ۾ متاثر ملاح برداري وٽ اميرالبحر تنظيم جي اڳواڻن آڪاش ٻاگهل ملاح، ايوب ملاح، جي ايم ملاح سن پهچي احتجاج ڪيو. ھنن کين يقين ڏياريو ته توهان سان انصاف ڪيو ويندو.
سن ايٽ ڇڇر ايس ايڇ او شاھنواز ملھڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان سن جي ملاح برداري سان رابطي ۾ آھيون پر اڃان انهن طرفان ڪو ڪيس وغير داخل نه ڪرايو ويو آهي. ذريعن کان خبر پئي آهي ته سن ٽائون ڪميٽي جي سئيپر کان قبرون کوٽايون ويون هيون.

سن واقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاھه جو موقف سامهون اچي ويو
جلال محمود شاھ چيو آھي تھ سن واقعو ڏکوئيندڙ، خراب عمل ۽مذمت جوڳو آهي،
سنڌ ۾ سيد ۽ ملاح هڪ جهڙا محترم آهن،قبرن جي تذليل جهالت ۽ انتهاپسندي جينشاني آهي،
سيد جلال محمود شاھ وڌيڪ چيو تھ سياسي پورهيئي کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، قبرن جي بي حرمتي ڪندڙ شخص خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.