سن (ن پ ا) سن ڀرسان منظورآباد ۾ ڳوٺ علي آباد جي رهواسين پوليس ۽ بااثر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙ رزاق کوسي، اسد کوسي ۽ ٻين چيو ته ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين تي بااثر ملڪ شفقت پوليس جي مدد سان قبضو ڪري اسان کي لڏائڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته بااثر اسان مٿان ٻڍاپور ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، ڊي ايس پي کاڻوٺ ڌڻي بخش مري بااثر جي ونگاري وھندي 8پوليس موبائلن ۾ اهلڪار ساڻ ڪري گھرن تي چڙھائي ڪئي، هنن اپيل ڪئي ته پوليس ۽ بااثر جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.