سن واقعي جو سرڪاري فرياد تي سيد ظفر شاهه ۽ سندس ساٿين مٿان ڪيس داخل

0
191
سن واقعي جو ڪيس
سن واقعي جو ڪيس

سن (رپورٽ: شاهنواز شاهاڻي) سن ۾ ملاح برادريءَ جي 13 ماڻهن جون قبرون کوٽائي اجتماعي قبر ٺاهڻ واري واقعي جو سيد ظفر شاهه ۽ ڪيترن ئي نامعلوم ماڻهن تي سن ايٽ ڇڇر ٿاڻي تي  اي ايس آءِ بدرالدين ڪلھوڙو  جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾  سن ۾ المناڪ واقعو بااثر 50 ورهين کان دفن ٿيل ملاح برادري جي 13 قبرون جي کوٽائي ڪري، انساني ڊانچن کي هڪ ئي کڏ ۾ پورائڻ واري واقعي جو سرڪاري فرياد تي اي ايس آءِ بدرالدين ڪلهوڙو سيد ظفر شاهه ۽ سندس ساٿين تي ڪيس داخل ڪرايو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايل آهي ته جوابدار ظفر شاهه پٽ امير حيدر شاهه ساٿين سميت ملاح برادريءَ جي ماڻهن جون قبرون کوٽائي لاش ٻئي هنڌ دفنايا. هوڏانهن  سياسي سماجي ڌرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي، علائقي ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو، ملاح برادري وٽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ پهتا جن ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

ٻئي طرف سن ۾ ملاحن جي قبرن جي بي حرمتي واري واقعي خلاف سيد خاندان جو موقف سامهون اچي ويو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ترجمان پاران سيد جلال محمود شاھ جو موقف پڌرو ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سيد جلال محمود شاهه سن ۾ ٿيل ڏکوئيندڙ واقعي کي خراب عمل ۽ قابل مذمت قرار ڏئي ٿو، سنڌ ۾ سيد ۽ ملاح هڪ جهڙا محترم آهن، قبرن جي تذليل ڪرڻ جهالت ۽ انتهاپسندي جي نشاني آهي. ايس يو پي ترجمان موجب قبرن جي بي حرمتي ڪرڻ جهڙا عمل ڪري سائين جي ايم سيد جي روح کي رنجايو ويو آهي. هن عمل ذريعي سيد جلال محمود شاھ ۽ سيد زين شاهه جي سياسي پورهيئي کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب سيد خاندان جا ڪجهه فرد مسلسل اهڙا عمل ڪري سيد جلال محمود شاهه خلاف پروپئگنڊا لاءِ ماحول تيار ڪندا رهيا آهن جن جا ڪجهه لڪل مقصد ٿي سگهن ٿا.

ترجمان اهو به چيو آهي ته ظفر شاهه جي عمل سبب سڄي سيد خاندان ۽ سياست جي خلاف پروپئگنڊا جو سبب ڪجهه فردن جي ذهنن ۾ ويٺل بغض آهي، اهڙو عمل جنهن به ڪيو آهي اهو ان جو ذاتي فعل آهي، قبرن جي بي حرمتي جهڙي حرڪت ڪندڙ شخص خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف ملاح اتحاد جي اڳواڻن سردار حاجي محمد ايوب ملاح.  علي حيدر ملاح، عبدالستارملاح، وزيرعلي ملاح، ضمير ملاح، آڪاش ملاح ۽ ٻين چيو ته ملاح برادري هزارن سالن جي تاريخ رکندڙ قوم آهي انهن جي قبرن کي مسمار ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي. هنن چيو ته اسان ظفر شاهه پاران ڪيل ڪريل حرڪت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، سائين جي ايم سيد سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي سنڌ جي ڪولهين، ڀيلن جي ڳالهه ڪئي آهي ان جي شهر ۾ ملاح برادري سان ناانصافي تي جيترو افسوس ڪجي گھٽ آهي، اسان سيد خاندان کي اپيل ٿا ڪريون ته جنهن اهو عمل ڪيو آهي ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪن، قبرن جي بحرمتي جي ڪري سنڌ جو روح زخمي ٿي پيو  آهي.

هوڏانهن ملاح  برادري جي ڪجهه ماڻهن پوڙهو ملاح، نبي بخش ملاح، غلام رسول ملاح ۽ ٻين ٽائيم  نيوز سان ڳالھائيندي ڪجهه اھم انڪشاف ڪيو آهي ھنن جو چوڻ ھو ته ھن واقعي کي مھينو ٿي چڪو آهي پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ايس يو پي کي ٽارگيٽ  ڪن پيا. ھنن چيو ته سوشل ميڊيا تي واويلا ڪرڻ وارن مان ڪوبه سن جي ملاحن مان يا قبرن مان نڪرندڙ لاشن جو وارث ناھي اسان سن جي ملاحن کي سيد ظفر شاهه پنهنجي بنگلي تي گھرايو ۽ ھٿ ٻڌي عرض ڪين ته ھي توهان جون قبرون حولين جي قبرن جي پاسي ۾ آهن جي توهان اجازت ڏيو ته آئون ھي قبرون لڏائي شاهه حيدر قبرستان ۾ ئي دفن ڪرايون اسان پاڻ اجازت ڏني آهي ان کان پوءِ ظفر شاھ قبرون کوٽرايون آهن اسان ڪو به ڪيس وغيره داخل ڪونه ڪرايو آهي ۽ لاشن جي ڪا به بي حرمتي نه ڪئي وئي ۽ نه وري ڪي لاش لوڙھيا ويا آهن انهن خبرن ۾ ڪا به سچائي ناھي.