سن (ن پ ا) سن ڀرسان لاکا شهر جو رهواسي گلشير ميمڻ (پي آءِ ڊي سي) پاڪستان انڊسٽريل ڪارپوريشن ۾ انجنيئر طور ڀرتي ٿيل هو، کيس ٻئي کاتي ۾ موڪليو ويو ته ان کاتي ٻيهر ساڳئي کاتي ۾ واپس موڪليو، گلشير ميمڻ پنهنجي اصل کاتي ۾ واپس آيو ته واپس کاتي نه رکيو، 2003ع سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو، 23 سال گذرڻ جي باوجود عدالتن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو، بک ،بدحالي، بيروزگاري ۽ پريشانين جي ڪري بيمار ٿي پيو ۽ گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو، انجنيئر گلشير ميمڻ جي ڀاءُ محبوب ميمڻ پٽ گلزار ميمڻ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪمال ڇڇر، منظور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري فوتي انجنيئر جي وارثن سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو،  هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين کي اپيل ڪئي ته انجنيئر گلشير ميمڻ جي داخل ڪيل ڪيس کي جلد اڪلائي سندس پونئيرن سان انصاف ڪيو وڃي.