صالح پٽ (ن پ ا) سنگرار مان پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگريءَ جو پتو نه پئجي سگھيو. وراث سخت پريشان، قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي اختيارين کي مدد لاءِ اپيل، اغو جو شڪ ظاھر، سنگرار شھر مان 7 ورھين جي معصوم ھندو نياڻي پريا ڪماري ڌيءَ راجو مل گذريل ٽن ڏينھن کان پراسرار نموني گم آهي، جنھن جو ھن وقت تائين ڪو به ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو. اهڙي صورتحال بعد وارث سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. نينگريءَ جي وارثن ھٿن ۾ قرآن پاڪ کڻي لاڳاپاپيل اختيارين کان نينگريءَ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪندي دانھيو آھي ته افسوس جو ھن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو نينگريءَ جي وارثن وٽ سکڻي آٿت ڏيڻ لاءِ به لڙي نه آيو آھي. وارثن جو چوڻ هو ته سکر ۽ سنگرار پوليس به صرف ٺلها آسرار ڏئي رھي آھي ۽ ھن وقت تائين ڪا به عملي اڳڀرائي نه ڪئي آھي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پوليس ڪجھه رفتاريون ڪيون آھن، پر جوابدارن جا نالا ڳجها رکيا پيا وڃن. ذريعن موجب پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.