ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) سنڌ تعليم کاتو ايندڙ مالي سال ۾29 هزار پي ايس ٽي  ۽ جي ايس ٽي  ڀرتي ڪندو، ناڻي واري سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ کي اهڙي آگاهي ڏيندي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 29 هزار پوسٽن تي ڀرتين لاءِ رقم مختص ڪئي وئي آهي، صوبي ۾ اسڪول سطح تي اڃا 56 هزار ڀرتيون ٿيڻيون آهن. اهڙي آگاهي بعد  سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي کي 40 مارڪن سان پاس ٿيندڙ اميدوارن جي لسٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته سمورن اميدوارن جي دستاويزن جي تصديق لازمي ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ڪو اميدوار جعلسازي ذريعي فائدو حاصل ڪري ته اميدوار ۽ ڊسٽرڪٽ رڪروٽمينٽ ڪاميٽي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، 40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن بابت ڪارروائي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، جڏهن ته نئين ڀرتي جو عمل 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي، نئين ڀرتين لاءِ ٽيسٽ وٺڻ  جي ذميواري قابل ٽئين پارٽي کي ڏني وڃي، عدالت عدالتي حڪمن جي ابتڙ استادن جي مقرري بابت پاليسي ٺاهڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي استادن جي پوسٽنگ جي مدي بابت ترميمي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي سبب ڄاڻايو نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته توهان  خلاف ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي  ڪئي وڃي؟ واضح رهي ته عدالت سبجيڪٽ اسپيشلسٽن کي 5 ۽ پرائمري استادن کي هڪ سال لاءِ اباڻي علائقي ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت چيف سيڪريٽري کي عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان  جوڙيل اها ڪاميٽي بي ضابطگين جو معاملو اينٽي ڪرپشن  ڏانهن اماڻيندي