ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گرمي جي لهر برقرار آهي، ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ گرمي جي سٽ نه سهندي 7 ڄڻا فوت ٿي ويام ان ڏس  ۾ڪراچي ۾ گرمي وگهي وڌيڪ 4  شهرين دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جوانگ 49 ٿي ويو، ٻئي طرف ڪالهه منجهند کان شهر ۾ 30 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سامونڊي هوائون گهلڻ شروع ٿي ويون، جنهن سبب گرمي ۾ گهٽتائي اچي وئي ، ڪالهه گرمي پد 1.1 ڊگري جي لاٿ سان 38.1 ڊگري ٿي ويو، گذريل رات جولاءِ جي گرم ترين رات رهي، پارو 32 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪب آباد شهر ٽاور روڊ تي گرمي جي سٽ نه سهندي پوڙهو بيهوش ٿي ڪري پيو، جنه کي پوليس کڻائي سول اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، پوڙهي جي کيسي ۾ پيل شناختي ڪارڊ موجب پوڙهي جي سڃاڻپ نالي خوش محمد پٽ ميوه خان ويٺل ڳوٺ مير ڏاتل خان بليدي علي آباد بليدي ٿي پوليس موبائيل فون ذريعي وارثن کي اهڙو اطلاع ڪيو ويو آهي. ملاڪاتيار ڀرسان يوسي کوکر جي ڳوٺ محمد سومرو ۾ 19ورهين جو نوجوان پورهيت بلاول پٽ حسين سومرو زرعي زمين ۾ ڪم ڪرڻ دوران گرمي سبب بيهوش ٿي ويو، وارثن  کيس اسپتال منتقل ڪيو ته ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، وارث نوجوان جو مڙهه کڻي ڳوٺ پهتا ته ڪهرام مچي ويو. موهن جو دڙو جي ڳوٺ وڏي وهڻي ۾ 45 سالن جو پورهيت الطاف حسين راڄپر گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، استاد نياز حسين راڄپر جو چوڻ ھو ته گرمي سبب منهنجي ڀاءُ جي طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کي اسپتال کڻائي پهتاسين پر هو وفات ڪري ويو.