سنڌ ۾ ڪورونا جا يوڪي ويريئنٽ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن: عذرا پيچوهو

0
426

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن کان پوءِ ، سنڌ ۾ به ڪورونا جا يوڪي ويريئنٽ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪيل جينومڪ اسٽڊي دوران 50 سيڪڙو نمونن ۾ يوڪي ويريئنٽ ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جو هي قسم تمام تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ اهو وڌيڪ خطرناڪ پڻ آهي. سنڌ کان پهريان، انهي وائرس جي ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. صوبائي وزير چيو ته عيد جي ڪري شاپنگ دوران به رش جي ڪلاڪن ۾ تيزي سان وائرس پکڙجڻ جو خطرو هوندو آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته 50 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن کي 1166 تي پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائڻ گهرجي ۽ پاڻ کي وائرس کان بچائڻ لاءِ ويڪسين لڳرائڻ گهرجي.