اسلام آباد: 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري جي گزيٽ نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ ۾ گهراڻن جو تعداد 98 لک 71 هزار 620 آهي، گهراڻي جي سائيز 5.64 ڀاتي ڄاڻائي وئي آهي. حيدرآباد ڊويزن ۾ 22 لک 46 هزار 96 گهراڻا آهن جن مان بدين ضلعي ۾ 3 لک 98 هزار 66، دادو3 لک 40 هزار 665، حيدرآباد 4 لک 48 هزار 479، ڄامشورو2 لک 13 هزار 639، مٽياري هڪ لک 58 هزار 559، سجاول هڪ لک 58 هزار 917، ٽنڊوالهيار هڪ لک 77 هزار 534، ٽنڊو محمد خان هڪ لک 43 هزار 956، ٺٽو 2 لک 6 هزار 281 گهراڻا، ڪراچي ڊويزن ۾ ڪل 34 لک 39 هزار 220 گهراڻن مان ڪراچي سينٽرل 6 لک 53 هزار 776، ڪراچي ايسٽ6 لک 65 هزار 452، ڪراچي ڏکڻ 4 لک 26 هزار 224، ڪراچي ويسٽ 4 لک 65 هزار 197، ڪياماڙي 3 لک 19 هزار 555، ڪورنگي4 لک 93 هزار 504 ۽ ملير ضلعي ۾ 4 لک 16 هزار 512 گهراڻا آهن. لاڙڪاڻي ڊويزن جي 12 لک 8 هزار 563 گهراڻن مان جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ لک 95 هزار 161، قمبر شهدادڪوٽ2 لک 67 هزار 684، ڪشمور 2 لک 8 هزار 890، لاڙڪاڻو3 لک 21 هزار 837، شڪارپور2 لک 14 هزار 901 گهراڻا، ميرپور خاص ڊويزن ۾ 8 لک 63 هزار 467 گهراڻن مان ميرپور خاص ضلعي ۾ 3 لک 13 هزار 141، ٿرپارڪر ۾ 3 لک 27 هزار 677، عمرڪوٽ 2 لک 22 هزار 649، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 10 لک 61 هزار 799 گهراڻن مان نوشهرو فيروز 3 لک 19 هزار 938، سانگهڙ ۾ 4 لک 7 هزار 265، شهيد بينظير آباد3 لک 34 هزار 596 گهراڻا شامل آهن. سکر ڊويزن جي 10 لک 52 هزار 475 گهراڻن مان گهوٽڪي ۾ 3 لک 31 هزار 132، خيرپور4 لک 52 هزار 288 ۽ سکر ۾ 2 لک 68 هزار 755 گهراڻا شامل آهن.