ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ ۾ ڇهين کان اٺين تائين جا ڪلاس اڄ کان کُلي ويا، پهرين کان پنجين درجي جا ڪلاس 21 جون کان کولڻ جو اعلان، ڪاروبار هفتي ۾ رڳو هڪ ڏينهن رڳو جمعي يا آچر تي بند رهندو. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيدمراد علي شاھ جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير اعلان ڪيو ته اڄ کان 50 سيڪڙو حاضري سان ڇھين کان اٺين ڪلاس تائين اسڪول کوليا ويندا. جڏهن ته پهرين کان ڇهين درجي تائين جا ڪلاس 21 جون کان کوليا ويندا. صوبي ۾ جمعي يا آچر تي هڪ ڏينهن ڪاروبار بند رکيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪورونا شرح گھٽجي 4.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ 9.5 ۽ حيدرآباد ۾ 5.65 سيڪڙو ڪيس سامھون آيا آهن. وڏي وزير ھڪ خانگي شخص ذريعي ايڪسپو سينٽر ۾ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ وڪڻڻ واري خبر جو نوٽس وٺندي آءِ جي پوليس مشتاق مھر کي ڏوھاري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪورونا ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف ڪورونا وگهي 34 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1019 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 2.59 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف 13 شهرين دم ڏنو، جڏهن ته 479 شهري متاثر ٿيا