ڪراچي/ ملير (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ غيرقانوني پناهگيرن خلاف آپريشن ، 85گرفتار، 120 افغانين کي 4 بسن ۾ افغانستان لاءِ روانو ڪيو ويو. ڪالهه پوليس سهراب ڳوٺ ۽ آسپاس وارن علائقن سرچ آپريشن ڪيو، شڪ جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويو، ايس ايس پي اوڀر موجب 50 شڪين کي حراست ۾ وٺي حاجي ڪيمپ ۾ قائم هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو. اختيارين موجب هن وقت تائين هولڊنگ سينٽر ۾ 262 افغاني آندا ويا آهن ، جن ۾ 201 مرد، 25 عورتون ۽ 36 ٻار شامل آهن، جاچ پڙتال بعد 80 ماڻهن کي هولڊنگ سينٽر تي رکيو ويو. اختيارين موجب هولڊنگ سينٽر مان 120 افغانين کي 4 بسن ۾ سوار ڪري پوليس سيڪيورٽي۾  چمن بارڊر لاءِ روانو ڪيو ويو، ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي سائوٿ افغانين کي گلدستا پڻ ڏنا، پوليس اختيارين موجب سجاول مان 3، بدين مان 13 ۽ ٺٽي مان 13 غيرقانوني افغانين کي گرفتار ڪيو ويوآهي ٻئي طرف ملير پوليس الياس ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن دوران غيرقانوني طور ترسيل 6 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي حاجي ڪيمپ نيو ويو