سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ ڀاشا ڊيم

0
508

هر سال جيان هن سال به خريف جي مند شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو اهميت حاصل ڪري ويو آهي. پاڻي کوٽ کي مختلف ڌريون پنهنجي پنهنجي نقطه نظر سان ڏسن ٿيون سنڌ جون سياسي ڌريون پاڻي کوٽ لاءِ پنجاب کي ذميوار سمجھن ٿيون، جنهن جو تازو مثال پيپلزپارٽي طرفان هڪ دفعو ٻيهر ڪمون شهيد جھڙو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان آهي. ٻئي طرف فني ماهر پاڻي کوٽ کي تربيلا ڊيم ۾ لٽ ڀرجڻ  ڄاڻائين ٿا.
پاڻي کوٽ جا ٻه مکيه سبب آهن، هڪ قدرتي کوٽ ،جنهن ۾ برسات جو گھٽ پوڻ، دريائن جي منڍ وارن علائقن ۾ گرمي پد جو نه وڌڻ. اها حقيقت آهي ته دريائن ۾ پاڻي وڌڻ جا مکيه سبب اهي ٻئي يعني برسات ۽ گرمي آهن. انهن ٻنهي ڳالهين تي انسان اڃان تائين عبور حاصل نه ڪري سگھيو آهي. دنيا ۾ هٿرادو برسات جا تجربا ڪيا ويا آهن پر اسان اڃان انهيءَ سطح تائين ترقي نه ڪري سگھيا آهيون. پر جيستائين هٿرادو کوٽ جو طريقو آهي، انهيءَ زيادتي کي حل ڪرڻ لاءِ مختلف ادارا موجود آهن. افسوس سان چوڻو  پوي ٿو ته انهن ادارن تي وڏي صوبي پنجاب جي هڪ هٽي آهي، انهيءَ ڪري ننڍن صوبن ۾اهي مسئلا روز جو معمول آهن. ملڪي سطح تي پاڻي جهڙي اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ ورهاست جو سرشتو موجود آهي.جيڪڏهن برابري ۽ انصاف ڀرئي طريقي سان انهيءَ سرشتي کي هلايو وڃي ته مسئلي جو حل موجود آهي. پاڻي گڏ ڪرڻ جا 3 مکيه ذخيرا آهن، جن ۾ سنڌودرياھه تي تربيلا ۽ چشما ۽ جھلم ندي تي منگلا ڊيم آهي. اهي ٽئي ذخيرا قومي پاڻي  ذخيري ۾ شامل آهن ۽ انهن تي ملڪ جي سڀني صوبن جو هڪ جيترو حق آهي، پر هتي اسانکي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته منگلا ڊيم صرف پنجاب لاءِ آهي، انهيءَ تي سنڌ جو حق نه آهي، باقي سنڌودرياھه تي ٺهيل تربيلا ۽ چشما ڊيم تي سڄي ملڪ جو حق آهي. اها هڪ هٽي اڳتي هلي صوبن ۾بدگماني ۽ اختلاف کي پيدا ڪندي. اها هڪ هٽي  خراب نتيجن کي جنم ڏئي سگهي ٿي . 20 مئي 2021ع تي پنهنجي اخبار م محترم ادريس راجپوت جو مضمون“سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جا سبب” ڇپيو آهي، اهو پڙهڻ کان پوءِ اهو تاثر اڀري ٿو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ نه بلڪه نيتن جي کوٽ آهي، سنڌي ۾ چوندا آهن ته “ماڻهو کي ٻچا وات ۾ ايندا آهن ته ضرور ڇتو ٿيندو” اهو به مشهور آهي ته “ڇتو بي ساڃاهه هوندو آهي ۽ پنهنجي مالڪ کي نه سڃاڻندو آهي”، مهرباني ڪري سنڌين کي انهيءَ حد تائين مجبور نه ڪيو وڃي ته هو ڇتا ٿين.
جيستائين پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ جو سوال آهي ته مون هن کان اڳ هڪ کان وڌيڪ انهيءَ موضوع تي مضمون لکيا آهن، جيڪي “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپيا آهن، انهن ۾ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ تجويزون ڏنيون آهن، جن ۾برساتي پاڻي گڏ ڪري استعمال ڪرڻ، واهن ۽ شاخن ۾ ضايع ٿيندڙ پاڻي تي ضابطو آڻڻ، زمينن کي هڪ سري سطح تي ٺاهڻ، آبادي لاءِ دنيا ۾ رائج نون طريقن کي استعمال ڪرڻ، وڌيڪ پاڻي تي آباد ٿيندڙ فصلن تي ضابطو يا انهن تي بندش وجھڻ، جيئن روهڙي تي نارا ڪئنال سسٽم ۾ غيرقانوني طور ساريون پوکيون وڃن ٿيون، انهن تي ضابطو آڻڻ، ڪمند، ڪيلو، ۽ باغات وڌيڪ پاڻي جا فصل آهن. انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ دليل ڏنو وڃي ٿو ته انهيءَ ڪم تي خرچ  ۽ وقت گهڻو لڳندو ۽ اهو خرچ سنڌ کي ڀرڻو پوندو. هن وقت جهلم ندي تي رسول بئراج جي مٿان هڪ نئون واهه جلال پور جي نالي سان کوٽيو پيو وڃي، انهيءَ تي چوڻ ۾ اچي ٿو ته تقريبن 500 ملين روپيا خرچ جو ڪاٿو آهي، جيڪا مرڪزي سرڪار ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي تعاون سان ڪري رهي آهي. ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو نه آهي جو مرڪز سنڌ کي پاڻي جي سرشتي کي سڌارڻ ۾ مدد ڪري؟ جيڪڏهن مرڪزي سرڪار مالي وسيلا مهيا ڪري ته اهو منصوبو 5 کان 10 سالن ۾ مڪمل ٿي سگهي ٿو، جيڪو وقت ڀاشا ڊيم کي مڪمل ٿيڻ ۾ لڳندو ۽ خرچ به گهٽ ايندو. باقي ڀاشا ڊيم مان حاصل  ٿيندڙ بجلي سنڌ جي واهن کي سڌارڻ سان حاصل نه ٿي سگهندي. اها ڪٿان جي عقلمندي آهي جو 3500 ڪلو واٽ بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ 20 ارب ڊالر خرچ ڪيا وڃن. 
انهيءَ سڄي بحث ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته اهو ڪير ضمانت ڏيندو ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ پنجاب پنهنجي روايتن کي برقرار رکندي انهيءَ تي ويساهه گهاتي نه ڪندو. دراصل ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو اصل مقصد پنجاب جي 12 لک غيرآباد زمين آباد ڪرڻ ۽ سنڌ سڪائڻ جو منصوبو آهي. انهيءَ ڳالهه جي به ڪير ضمانت ڏيندو ته ڀاشا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ واپڊا پنهنجي ويزن 2025ع (Vision 2025) تي عمل نه ڪندو. ويزن 2025ع دراصل سنڌ دشمن منصوبو آهي.
اسانجي فني ماهرن کي دنيا ۾ اهڙي صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيل اپائن جو جائزو وٺڻ کپي. هن موقعي تي آئون سينگاپور ۽ ملائيشيا وچ ۾ پاڻي تڪرار ۽ سينگارپور طرفان پاڻي رسد کي يقيني بنائڻ لاءِ ورتل ڪوشش جو مثال ڏيان ٿو. جتي به اعتماد ۽ نيتن ۾ کوٽ هجي اتي ڪيترا به ڊيم ٺاهيو مسئلو حل نه ٿيندو.