ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پرڳڻي ۾ يونين ڪائونسل کان ٽائون سطح تائين ترقياتي روڊ ميپ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان ترقياتي منصوبي ۾ ڊپليڪيشن ۽ اوورليپنگ کان بچڻ ۽ موجود خامين جي خاتمي ۾ مدد ملندي. اسان کي يونين ڪائونسل کان ٽائون سطح تائين هر علائقي جي آبادي جو نقشو ٺاهڻو پوندو ته جيئن تعليم، صحت، راندين ۽ تفريحي سهولتن سان گڏ انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ لاءِ قدم کڻي بهتري آڻي سگهجي. انهي سان ڪنهن به نئين منصوبي لاءِ جلد مدد ملندي. ڪالهه ملاقات ۾ پاڪستان شماريات بيورو جي چيف ڊاڪٽر نديم ظفر ٻڌايو ته 2023 جي آدمشماري ۾ تعليم، روزگار، فنڪشنل حدن (ڊزايبلي ٽيز)، هائوسنگ، سموري ڍانچي جي جيو ڪوڊنگ (تعليمي ادارن) ۽ ڊيموگرافڪ خاصيتون شامل آهن. جنهن تي وڏي وزير چيو ته کين سنڌ ڏانهن ٿيندڙ لڏپلاڻ بابت به ڊيٽا جي ضرورت آهي. اسان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هر سال ڪيترا ماڻهو ٻين ملڪن ۽ صوبن مان سنڌ اچن ٿا ته جيئن پاليسي ۽ سروس ڊليوري جي رٿابندي ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي ڄاڻڻ گهرجي ته لڏپلاڻ صوبي جي وسيلن تي ڪيترو دٻاءُ وجهي ٿي ته جيئن ضروري منصوبابندي ۽ وسيلا ترتيب ڏئي سگهجن؟ هن پلاننگ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو صوبائي شماريات بيورو جي مدد سان ڊيٽا بينڪ تيار ڪري، جنهن کي  باقاعده اپڊيٽ ڪيو وڃي.  مراد علي شاهه چيو ته هو تعليم بابت روڊ ميپ ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي ته جيئن پٺتي پيل علائقن جي نشاندهي ٿي وڃي، جنهن آڌار وسيلا ۽ پاليسي ٺاهي سگهنداسين. هن چيو ته اجلاس دوران دلچسپ حقيقتون سامهون آيون، ڪراچي سينٽرل ۾ 22.7 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ آهن. صوبي ۾ خواندگي جي شرح 83.6 سيڪڙو آهي. ٺٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ 75.8 سيڪڙو ٻار آهن، جيڪي اسڪول نٿا وڃن اتي  سڀ کان گهٽ شرح خواندگي 26.9 سيڪڙو آهي. ڊيٽا جو جائزو وٺڻ کانپوءِ مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سينٽرل ۾ 99.1 سيڪڙو بجلي جا ذريعا آهن جڏهن ته 3500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ ٿرپارڪر وٽ 19.4 سيڪڙو بجلي جا ذريعا آهن. سهولتن جي لحاظ کان گهٽ ترقي يافته ضلعن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ هي اهم ڊيٽا آهي. مراد علي شاهه چيو ته هو هر يونين ڪائونسل جي گهرن جي مڪمل ميپنگ چاهي ٿو،  جتي بجلي جي سهولت موجود آهي ته جيئن باقي يوسيز/ گهرن کي سولر سسٽم ذريعي بجلي فراهم ڪري سگهجي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته پٺتي پيل ضلعن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ هر يونين ڪائونسل ۽ ٽائون جا نقشا تيار ڪيا وڃن. وڏي وزير چيو ته پي بي ايس سنڌ شماريات بيورو جي مدد ۽ سهڪار ڪندو، انهن کي پاڻ  به سروي ڪرڻ جي ضرورت آهي.هوڏانهن آمريڪي آزادي جي ڏهاڙي واري تقريب کي خطاب ڪندي  هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي آزادي، جمهوريت، ڊي ڪالونائيزيشن ۽ معاشي لبرل ازم جهڙن قدرن ۾ گڏيل آهي. 9/11 کانپوءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ لائين پارٽنر هو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم لاڳاپن تي ڳالهائيندي خوشي ٿي. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. وڏي وزير چيو ته مالي سال 22-2021ع ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ 80 کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنيون موجود آهن، جن هتي  1.5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي آهي، جڏهن ته 3 ارب ڊالرن جي سالياني آمدني حاصل ڪئي آهي. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفو واپار 6.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندو. هن چيو ته اسان بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل منظرنامي کي هلائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. آمريڪا ۽ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل قدم کنيا آهن. اسان ٽيڪنالاجي، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ عوامي صحت جهڙن شعبن ۾ تعاون ڪري سگهون ٿا.