ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن جو ٽائيم تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سکر،  ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد تعليمي بورڊن ۾ پيپر جو وقت 8:30 کان 11:30 تائين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جو پيپر ٽائيم 9 کان 12 وڳي تائين هوندو. ان حوالي سان يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان تي عمل اڄ کان ئي ڪيو ويندو.