سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا تحت 309 نوڪرين جي منظوري

0
586
چيف سيڪريٽري جي

ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاه جي صدارت ھيٺ فوتي ڪوٽا بابت اھم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سال 2019 کان ھن وقت تائين فوتي ڪوٽا تحت مختلف کاتن ۾ 6522 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صحت کاتي ۾ 50، روينيو ۾ 12 ۽ بلديات کاتي ۾ 29 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 129، ورڪس سروسز ۾ 10، ليبر ۾ 1، اينٽي ڪرپشن ۾ 1 ۽ ايڪسائيز ۾ 3 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

خوراڪ کاتي ۾ 7، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 6 ڪوآپريٽو ۾ 3، زراعت کاتي ۾ 2 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پاران سمورن سيڪريٽري کي فوتي ڪوٽا جي رھيل درخواستون جلد مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊي آر سي اجلاس ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، ڪميٽي پاران منظور ڪيل فوتي ڪوٽا ملازمن جون پگھارون جاري ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.