سنڌ ۾ شروع ٿيل ٽارگيٽ ڪلنگ

0
280
بيگناهه ماڻهن جو ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ قتل

خيرپور ناٿن شاهه جي رهواسي قومي ڪارڪن افضل لُنڊ کي ٽنڊي آدم ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو ۽ بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي فرار ٿي ويا. مقتول نوجوان هڪ نجي بينڪ ۾ نوڪري ڪندو هو. وارثن پوليس جي جاچ ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ تي بي اعتمادي ۽ خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. قومي ڪارڪن جي ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ امن دشمن قاتل ٽولا روڊن رستن تي، شهرن ۾ ۽ شاهراهن تي، “آدم بُوءِ، آدم بُوءِ” ڪندا پيا هلن ۽ اهي بنا ڪنهن روڪ ۽ رنڊڪ جي ماڻهو ماري هليا ٿا وڃن، جن جي ڪٿي به قانون رستي روڪ نٿو ڪري. سُهائي سج، ڏينهن ڏٺي جو، قتل جون وارداتون ٿي رهيون آهن. شهرن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون هجڻ جي باوجود قانون جو هٿ قاتلن تائين پهچي نٿو سگهي. رياست ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت واري آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ماڻهو روڊن تي هٿيار کڻيو پيا هلن، پر چيڪنگ جي ڪنهن به پوائنٽ تي انهن جي پڪڙ نٿي ٿئي. ٽنڊي آدم جي وچ شهر ۾، چوڪ تي سياسي ڪارڪن افضل لُنڊ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پوليس ترت ناڪابندي ڪندي جوابدارن کي پڪڙڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي آهي. عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻجي پلجندڙ پوليس جي نااهل نفري آخر ڇا پئي ڪري؟ وارثن جي پهچڻ کان اڳ ئي پوليس مقتول افضل لُنڊ جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ڇڏيو، جنهن تي پڻ مقتول جي وارثن اعتراض واريندي پوليس تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر به سندن مرضيءَ موجب داخل ٿيڻ گهرجي. اسان سمجهون ٿا ته پوليس سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري ته افضل لُنڊ جا قاتل آسانيءَ سان ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پڪڙجي سگهجن ٿا. خبرن موجب، مقتول مقتول افضل لُنڊ کي فون ڪال آئي، جنهن تي هو ڄاڻايل هنڌ تي پهتو ته مٿس حملو ٿيو. مقتول افضل لُنڊ جو موبائل فون پوليس وٽ آهي، جنهن مان ڪال ڪندڙ جو نمبر ۽ ان جي سڃاڻپ جي خبر پئجي سگهي ٿي پر پوليس ان حوالي سان چپ سبيو ويٺي آهي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ شڪ شبها وڌڻ فطري ڳالهه آهي. ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ به پ پ پ جي ٻن ڪارڪنن کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو هو. اڪثر ڪيسن ۾ پوليس ماڻهن کي نشانا چٽي ماريندڙن تائين پهچي ناهي سگهندي يا ڪن مصلحتن سبب پهچڻ ناهي چاهيندي. جنهن جو مثال اهو آهي ته اجمل ساوند ۽ جان محمد مهر جا مکيه قاتل اڃا تائين قانون جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ته عوام جي تحفظ لاءِ ذميوار ادارا سماعت ۽ بصارت کان محروم ٿي ويا آهن، جو انهن کي قاتل نظر ئي نٿا اچن. افضل لُنڊ سياسي ڪارڪن هو، جنهن جو تعلق ايم آر ڊي جي شهيدن واري شهر خيرپور ناٿن شاهه سان هو. ٽنڊي آدم پوليس جي جيڪا نااهلي شروعات ۾ ئي نظر آئي آهي، تنهن مان ته اهو ظاهر ٿو ٿئي ته، پوليس بيحسيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ پوليس جي جاچ تي مقتول افضل لُنڊ جا وارث به تحفظات جو اظهار ڪري چڪا آهن. ان ڪري مقتول جي وارثن جي اها گهر حقي واجبي آهي ته، ان قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

اڄڪلهه جديد ٽيڪنالاجي جو دور آهي. ڏوهن جي جاچ جا پراڻا طريقا متروڪ ٿي ڪا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان ئي درست رخ ۾ جاچ ممڪن ٿي سگهندي. موبائل فون جي فرانزڪ رپورٽ هجي يا جيو فينسنگ جو طريقيڪار، ٽيڪنالاجي جي مدد سان قاتلن تائين قانون جي هٿ جي رسائي ممڪن آهي، ڇو ته ٽيڪنالاجي جون شاهديون ناقابلِ ترديد هونديون آهن. ان ڪري جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. قتل جي ايف آءِ آر وارثن جي مرضيءَ موجب داخل ڪئي وڃي.