ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ سڀاڻي 16 جون کان 19 جون تائين پري مون سون جون طوفاني برساتون پونديون، جڏهن ته ڪراچي ۾ 18 ۽ 19 جون تي طوفان ۽ برسات جا امڪان آهن،موسميات کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته 16 جون کان مون سون جون سامونڊي هوائون گھلنديون. 16 ۽ 17 جون تي سکر، لاڙڪاڻو، گھوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. برسات سبب اپر ۽ وچولي سنڌ ۾ گرمي جو زور ٽٽي پوندو، جڏهن ته تيز برساتن سبب بل بورڊ ڪرڻ ۽ ڪچا گھر ڊهڻ جو خدشو آهي