سنڌ ۾ روڊ ۽ ٻوڏ حادثا معمول ڇو بڻجي ويا آهن؟

0
149
عمران خان جا انگل، نيوٽرل جي نهڪر ۽ اتحادين جون اميدون

جون ۽ جولاءِ وارين ججهين برساتن لاءِ، پاڪستان جي موسمي ادارن کان به ڪيترائي مهينا اڳ ۾، عالمي موسمياتي ۽ نشرياتي ادارن پاران اسان جي جمهوري ۽ عوامي حڪومتن کي خبردار ڪيو ويو هو، ته هن ڀيري چوماسي جا مينهن، شينهن بڻجي اچي رهيا آهن جيڪي نه صرف برساتي ٻوڏ جو سبب بڻبا پر ممڪن حد تائين شهري ٻوڏ آڻڻ جو ڪارڻ به بڻجندا ۽ پاڪستان جي لاءِ ماحولياتي مسئلن کي پيدا ڪرڻ جو سبب به بڻبا، پر ان جي باوجود انهن رپورٽن تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو. وري جڏهن ملڪي موسمياتي ادارن ٻه مهينا اڳ ۾، بلڪل چٽو ڪري ڇڏيو هو ته مينهن ايترا پوندا جو انهن کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو، پر وري به ڪن لاٽار ڪئي وئي، ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان محفوظ رهڻ لاءِ اڳواٽ ڪوبه به اهڙو بندوبست نه ڪيو ويو جنهن جي بنياد تي گهٽ ۾ گهٽ شهرن ۽ شهرين جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي ها. ڇاڪاڻ ته ھي ڳالھھ تھ يقيني ھئي ۽ آهي تھ سڄي سنڌ جون ٻھراڙيون ٻڏنديون ئي ٻڏنديون، پر گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڪوششون وٺي شھرن کي تھ ممڪن حد تائين محفوظ بڻائي سگهجي پيو پر هنن ائين به نه ڪيو. سڀني ڳالهين کي ڄاڻڻ جي باوجود “جھڙي نيت تھڙي مراد” واري ماحول کي پاڻي ڏنو ويو.  برساتون پيون، شهر ٻڏا، ماڻهو گهرن کان بي گهر ٿيا، دربدر ٿيا ۽ اڃان تائين لکين خاندان بندن، خيمن، اسڪولن ۽ رستن تي عارضي رهائش جي رحم ڪرم تي آهن مٿان نومبر به پورو ٿي رهيو آهي. ڊسمبر ۽ جنوري پوري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ به سخت سيءُ وارا مهينا هوندا آهن ۽ ڊسمبر ته مينهن وسائڻ وارو مهينو پڻ هجي ٿو، آهي ڪا پرواهه اسان جي سنڌ حڪومت کي ته (هٿرادو) مصيبت جي ماريل هن عوام جي ڪا سار لهون. ھن وقت ٻوڏ کي چار مهينا پورا ٿيڻ تي آهن، پر نه شهرن مان مڪمل پاڻي نڪتو آهي، نه بي گهر ٿيل پنهنجي اباڻن گهرن ڏانهن واپس وريا آهن ۽ نه ئي ٻوڏ ورتل علائقن ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جو عمل شروع ٿي سگهيو آهي. باقي اخبارن ۾ روز هي خبرون پڙهون ٿا ته آبادگارن کي ٻڄ، ڀاڻ جا پيسا ڏنا ويندا. ڊٺل گهرن جي جاءِ تي نوان گهر اڏيا ويندا جنهن لاءِ ڪيئي سو ارب روپيا عالمي مالياتي ادارن پاران ڏيڻ جي آڇ به ڪئي وئي آهي جنهن جي سنڌ حڪومت تصديق به ڪري ڇڏي آهي ته هيترا يا هيترا فلاڻي فلاڻي عالمي مالياتي اداري پاران ڏنا ويندا ۽ باقي ڏوڪڙ سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن مان پورا ڪندي.

سنڌ هن ملڪ جو اھو واحد ۽ عجيب خطو آهي جنهن تي ھن ملڪ جي شاطر سياستدانن، مھا ڪاروباري ماڻھن ۽ اداراجاتي سربراھن جي نه صرف ڪاوڙ سرس آهي پر اھي سڀ سنڌ تي ميري نظر بھ رکن ٿا. اھي سنڌ جي سامونڊي ۽ درياهي ٻيٽن، وسيلن، ميدانن، قيمتي زمينن کي هڙپ ڪرڻ سان گڏ ان مان ججهو ناڻو به ڪمائي رهيا آهن تھ وري سنڌي عوام کي جاھل، نااھل ۽ بدتھذيب بھ سڏي رھيا آھن. ھنن جا ٺاٺ ڏسو تھ ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ٻئي پاسي واحد اهو سنڌ جو اصل رهواسي آهي جنهن جو ڪو ڌڻي آهي نه سائين، ۽ نه ڪو ڀرجهلو. سنڌ تي ٻاهرين ماڻهن جي ڪاهه کان وٺي، سنڌي- غير سنڌي سياستدانن جي ڪارستانين جي ڪري، شهرن، ٻهراڙين، روڊن ۽ رستن تي روز ٿيندڙ سانحا، حادثا ۽ واقعا ڪو نئون لقاءُ نه پر سنڌ ۾ چوطرف ڦهليل برادرين، ذاتين، نسلن ۽ گادين  جي اھا بي رحم راڄنيتي آھي جيڪا ھاڻي ھڪ ارڙ بلا جو روپ ڌاري چڪي آھي ۽ اها ارڙ بلا روز اسان جي ڪيترن ئي معصوم ماڻھن، مال ملڪيتن ۽ وسيلن کي آرام سان ڳھي رھي آھي. پوءِ ڪڏھن روڊ حادثن جي صورت ۾، تھ ڪڏھن ٻوڏن جي شڪل ۾، ڪڏهن ڪارونجهر جي ڪٽائي جي صورت ۾، تھ ڪڏھن حاصل اختيارن جي ڇانوَ ۾. آمراڻيون حڪومتون ڪنھن کي وڻنديون ھونديون، پر جيڪا راڄنيتي اسان جي ملڪ ۾ آهي، خاص طور تي جيڪا سنڌ ۾ گذريل پندرنھن سالن کان عوامي حڪومت ۽ جمهوريت جي لالي پاپ ڏيڻ جي خوشي ۾ ٿي رھي آھي، حقيقت ھي آھي تھ ان عوام کان ھر اھو حق کسي ڇڏيو آھي جيڪو ھڪ انسان ھجڻ جي ناطي ان جو پيدائشي، معاشي، سماجي، سياسي ۽ آئيني حق هجي ٿو. ان جمهوريت جو ڀلا ڪھڙو فائدو جيڪا اسان ۽ توھان جا شهر ٻوڙائي، هر ڏينهن آفتون آڻي. روڊ حادثا آڻي، ٻاھريان ماڻھو آڻي، سنڌ جون  زمين تين وال ڪري، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڌارين جي حوالي ڪري. سنڌي ٻولي کي ان جي آئيني حق کان محروم ڪري، غيرن کي سنڌ جا ڊوميسائل ڏئي انھن کي سنڌ جي سينيٽ جي سيٽن تي چونڊرائي. انهيءَ لوڀي ۽ ڪڌي راڄنيتي جي نتيجي ۾، سنڌ ۾، ھڪ اھڙي دنيا جنم وٺي چڪي آھي جنھن جي آڏو ڇا بھ ٿئي پر ھن جي ڪن تي نھ جونءِ ٿي چري، نه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان ھن کي ڪا ڪھل ٿي اچي. سنڌ جي راڄنيتي جا هي اهي بي رحم عمل آھن جن کي اسان اڄڪلھھ جي جديد زبان ۾ اداراجاتي ڪوتاھي، حڪومتي نااھلي ۽ عوامي اٻوجھائپ جي نالن ۾ ياد ڪيون ٿا. سنڌ ۾ ٿيندڙ روڊ حادثا ڇو معمول بڻجي ويا آهن؟ هن سوال جو جواب به اها راڄنيتي آهي جيڪا سنڌ ۾ شهيدن جي پارٽي جي نالي ۾ گذريل پنجاهه سالن کان سنڌ کي مالِ غنيمت سمجهي نه صرف لٽي رهي آهي پر پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ، سنڌ جي عوام کي ان جي هر جائز حق کان محروم رکيو اچي پئي. جهڙوڪ سنڌ کي ان بنيادي ڍانچي واري ترقي جنهن ۾ بهترين رستن جو ڄار، سدابهار اڏاوتون ۽ سک ڀريو ماحول اچي وڃي ٿو ۽ انساني ترقي جنهن ۾ تعليم، صحت، پيئڻ جو صاف ۽ شفاف پاڻي، روزگار ۽ سلامتي جون ضمانتون اچي وڃن ٿيون يا ته ڳولي نٿي ملي يا جيڪڏهن ملي ٿي ته اها سڄي نالي ماتر آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ تي جڏهن به جنهن به ڌر يا سياسي پارٽي کي حڪومت ڏني وئي آهي ان عوام جو خيال رکڻ جي نالي يا ته پنهنجي ڌر يا سياسي پارٽي جي مفادن جو خيال رکيو آهي يا ملڪي ۽ عالمي آقائن کي خوش رکڻ جي لاءِ ناظم جوکيي جهڙا سانحا ڪرايا آهن. عالمي امداد جي آسري ۾ شهر ٻوڙايا ۽ ماڻهو دربدر ڪرايا آهن ۽ رستن کي ڄاڻي ٻجهي غيرمعياري رکرائي روڊ حادثن کي معمول بڻائي ڇڏيو آهي جيڪي بعد ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان سبب سانحن جي شڪل اختيار ڪري وڃن ٿا. گهڻو پري نٿا وڃون، هن ئي سال جي اپريل مهيني ۾، ميهڙ تعلقي جي يوسي فريدآباد جي ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي جڳهين کي لڳل باهه وارو سانحو جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون سڙي رک ٿي ويون ۽ جنهن کي پوليس اتفاقي واقعو ڄاڻائي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي. آڪٽوبر مهيني ۾، تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر مغيري خاندان، جيڪو ٻوڏ بعد واپسي تي، نوري آباد ڀرسان بس کي لڳل خطرناڪ باهه جو شڪار ٿيو. هن واقعي جي سبب کي به سرڪار بس جي ايئرڪنڊيشنڊ جي اسپارڪ سان جوڙي پنهنجي جان آجي ڪري ڇڏي. نوري آباد واري هن سانحي ۾ ويهه قيمتي انسانن پنهنجيون زندگيون وڃائي ڇڏيون ۽ هاڻي وري سيوهڻ شريف ۾، انڊس هاءِ وي تي موجود ٽال پلازا ڀرسان انڊس هاءِ وي کي ڏنل ڪٽ جي سبب خيرپور ميرس جي ڳوٺ دائود جي ڳوٺاڻن سان پيش ايندڙ واقعو جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ ويٺل ويهه مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا جيڪي قلندر جي زيارت لاءِ سکان کڻي وڃي رهيا هئا.

سنڌ ۾ پندرنهن سالن کان هڪ پارٽي جي حڪومت آهي. هنن پندرنهن سالن دوران ٻه ڀيرا سنڌ ٻوڙائي وئي آهي ۽ فيض محمد چانڊيي، دوست محمد ڀرڳڙي ۽ دائود ڳوٺن جهڙا سوين واقعا ٿي چڪا هوندا، پر تدارڪ ۽ تحفظ نالي ڪا شي نظر نٿي اچي. شهيدن جي پارٽي جي حڪومت، ان عوام جي جان، مال، عزت ۽ احترام کي ڪو گاهه ئي نٿي وجهي جيڪو عوام هر چونڊ ۾ ساڳي پارٽي کي هي ڄاڻندي به ووٽ ڪري ٿو ته مصيبتون گهٽبيون ڪونه، شهر محفوظ ڪونه ٿيندا ۽ حادثا به ڪونه گهٽبا سو “پنهنجن سان ڪهڙا ليکا” واري وائي وات ۾ رکي، پارٽي ۽ حڪومت کي سڀ ڏوهه گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو. ڪنهن بلڪل صحيح چيو آهي ته، “سائين هي سنڌ آهي. جتي نه عوام تبديل ٿيندي نظر اچي ٿو، نه پارٽي ۽ حڪومت پنهنجي ڪوتاهين ۾ گهٽتائي آڻيندي! ڇاڪاڻ ته هنن به ڪچا چڻا ناهن کاڌا، هي به عوام جو پاڻي چکيو ويٺا آهن. گهٻرايو نه جيڪي عمران خان جهڙي سخت مخالف ماڻهو کي چالاڪيون ڪري هٽائي سگهن ٿا، ڇا اهي سنڌ ۾ ٻيهر پنهنجي حڪومت قائم نٿا ڪري سگهن!”