گهوٽڪي (رپورٽر) 3 ڏينهن وارو گهوٽڪي فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو، آخري ڏينهن به فيسٽيول ۾ عورتن جي وڏي  انگ سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ کاڌي پيتي جي شين کانسواءِ ڪتابن جي اسٽالن تي به وڏي رش رهي، فيسٽيول جي آخري ڏينهن تي پهريون سيشن سنڌي ڪهاڻي ۾ نوان تجربا جي موضوع تي منعقد ڪيو ويو، انهي سيشن جي ڪارروائي پروفيسر وجيش ڪمار هلائي، جڏهن ته ناليواري اديبن ۽ ليکڪن ممتاز بخاري، ابراهيم کرل ۽ مجيد نواز بحث جي پينل ۾ شامل هئا، بحث ۾ حصو وٺندي  مقررن چيو ته سنڌي ڪهاڻي مختلف دورن ۾ نوان تجربا ڪيا آهن ۽ انهن تجربن جي اهميت انھي ڪري آهي جو انهن ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جا سياسي، سماجي، معاشي ۽ رومانس جا پهلو شامل ڪيا ويندا آهن، هنن چيو ته سنڌي سماج کي ڀڃ ڊاهه وارن دورن مان گذرڻو پيو آهي ۽ انهيءَ جا اولڙا نسل در نسل ليکڪن جي ڪهاڻين ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن، مقرر چيو ته سنڌي ڪهاڻيڪارن پنهنجي طور تي عالمي ادب جي معيار جو ادب ۽ ڪهاڻي ڏني آهي پر انهن جي ڪا ادارتي همت افزائي نه ٿيڻ سبب جديد ڪهاڻي يا جديد ادب اڳتي وڌي نه سگهيو آهي، جڏهن ته ٻيو سيشن سنڌي سماج ۾ سهپ ۽ برداشت جا لاڙا جي عنوان سان ٿيو،   سيشن ۾ مختيار ملڪ،حبدار جاگيراڻي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ اظهر دين نوناري بحث ۾ حصو ورتو، مقررن چيو ته انتها پسندي جا لاڙا ڪهڙي به روپ ۾ هجن پر انهن سان ترقي نه ٿي سگهندي، امن ۽ رواداري اهڙا هٿيار آهن، جن سان سماج تاريخي بهتري ڏانهن وڌي سگهن ٿا،  هنن چيو ته بدقسمتي آهي جو اسانجي سماج ۾ انتها پسندي جون نرسريون قائم ڪيون ويون آهن، باشعور ماڻهن جي جدوجهد سان ئي اهڙن روين کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، فيسٽيول ۾ شاعر اظهر گيلاني، راڳي الاهي بخش لغاري، تاريخدان دادا سنڌي ۽ انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ مانڌل شر جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي،  جڏهن ته شاعر سڪندر اوڳاهي جي شاعري جي ڪتاب جي مهورت پڻ ڪرائي وئي.