ڪراچي: ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ تعميراتي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي مالڪن واري تنظيم آباد جي چيئرمين محسن شيخاڻي چيو آهي ته سنڌ سرڪار تعميراتي ڪم بابت هڪ آرڊيننس تيار پئي ڪري، جيڪو جلد گورنر ڏانهن اماڻيو ويندو، وزيراعليٰ مراد ساهه نسلا ٽاور وٽ احتجاج ڪندڙ بلڊرز تي ٿيل پوليس تشدد واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته گورنر ۽ وڏي وزير سان ملاقاتون ٿيون آهن، ٻنهي تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، اسان وڏي وزير کي چيو آهي ته سنڌ ۾ به پنجاب جهڙي قانونسازي ڪري تعميراتي ڪمن جي حوالي سان هڪ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، هڪ بااختيار ادارو نه هجڻ ڪري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، بورڊ آف روينيو ۽ ٻين ادارن ۾ ڪرپشن ٿئي ٿي، جيڪي آفيسر ڪاغذن تي صحيحون ڪن ٿا، اهي پوءِ ڦري ٿا وڃن، نتيجي ۾ عوام ڀوڳي ٿو، اهڙي ماحول ۾ ڪو به سيڙپڪار سيڙپ نه ڪندو، اسانکي محفوظ ماحول ڏنو وڃي ته جيئن ڪم ڪري سگهون، هن چيو ته ڪراچي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملي بنا سياسي اختلافن جي هڪ ماسٽر پلان جوڙيو وڃي، هن چيو ته هتي بلڊرز کي اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي وارا به تنگ ٿا ڪن، جڏهن ته انهن جو ڪم سرڪاري آفيسرن خلاف ڪارروائي آهي، هنن چيو ته ڪراچي ۾300 کان وڌيڪ تعميراتي ڪم مڪمل بند آهن، جنهن سبب اڍائي کان 3 لک مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن، هن چيو ته وڏي وزير اسان کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان جي مطالبن تي سنڌ حڪومت اسان جي مدد ڪندي، اڱاري تي سنڌ جي وڏي وزير سان ٻيهر ملاقات طئه ڪئي آهي، هنن چيو ته نسلا ٽاور جي متاثرين کي معاوضي لاءِ پلازا جي سيڙپڪارن ۽ بلڊرز سان گڏيل گڏجاڻي رکي آهي، جنهن ۾ ڪوشش ڪنداسين ته متاثرين کي رقم ڏياريون، هنن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته قانوني طور ڪم ڪندڙن کي تحفظ ملي، غيرقانوني ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.