سنڌ ۾ برسات ۽ واپڊا وارن جون من مستيون

0
346
ٻارن جي حوصلا افزائي ڪريو

 گذريل ڏيڍ مهيني کان سنڌ ۾ چوماسي جو وسڪارو جاري آهي ۽ وقفي وقفي سان برساتون تقريبن سڄي سنڌ ۾ وسندڙ آهن، انهي برسات دوران جتي برساتي پاڻي جي ڪري عوام جي اهنجن ۾ جيڪو اضافو ٿيو آهي اهو ته لفظن ۾ بيان ئي نٿو ڪري سگهجي، پر هتي جيڪو افسوسناڪ رويو رهيو آهي اهو انهن ادارن جو رهيو آهي، جيڪي عوام جي سروس لاءِ قائم ڪيا ويا آهن ۽ ٽيڪس سميت بلن جي وصولي ڪن ٿا پر گهربل سهولتون فراهم نٿا ڪن، هن وقت برساتن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مڇرن جو عذاب آهي، مليريا جي ڪيسن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ٻيو ته مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ به ڊي واٽرنگ مشينون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون جيڪي پڻ بجلي تي هلن ٿيون،  پر بجلي غائب آهي، ڇاڪاڻ  جو هڪ ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪئي وڃي ٿي ۽ بجلي بند رهي ٿي، ٻيو وري ڪي ٽيڪنيڪل سبب ڄاڻائي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي،

                 برسات ۾ اڪثر بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا، جنهن جون دانهون ڪراچي کان ڪشمور تائين جو عوام ڪندو رهي ٿو ۽ وري انهي ٽرانسفارمر جي سڙي وڃڻ بعد سڙي ويل ٽرانسفارمر جي تبديلي لاءِ ڪيترائي ڏينهن ماڻهن کي ڀوڳڻو پوي ٿو، لاڳاپيل آفيسن جا چڪر ڪاٽيا وڃن  ٿا پر انهي ٽرانسفارمر جي تبديلي تيستائين ممڪن ناهي جيستائين مقامي لائين مين کان وٺي ايس ڊي او تائين آفيسرن کي رشوت نٿي ڏني وڃي، سنڌ ۾ بجلي جي سپلائي لاءِ ٽن ڪمپنين کي ذميواري مليل  آهي، ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ آهي، جنهن وٽ 7 ضلعا آهن، جڏهن ته اتر سنڌ جا دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ، سکر، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه سيپڪو جي حوالي ٿيل آهن، اهڙي ريت اڌ دادو ضلعي سميت حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جا سمورا ضلعا حيسڪو حوالي ٿيل آهن،

جتي بجلي جي فراهمي اهي ٽي ڪمپنيون ڪن ٿيون، هونئن ته ڪنهن زماني ۾ چيو ويندو هو ته واپڊا سفيد هاٿي آهي، انهي واپڊا جي ماتحت ڪم ڪندڙ اهي ٽئي ڪمپنيون هاڻي ته سفيد هاٿي کان به ٻه قدم اڳتي نڪري ويون آهن، انهن ڪمپنين جي لائين مين کان وٺي ايس ڊي او تائين ۽ ڊائريڪٽر آپريشن کان وٺي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تائين سمورا آفيسر يا ته ڪرپشن جي ڪڌي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ ڪري خاموش بڻيل آهن ۽ پنهنجي ماتحت ملازمن کي کلي ڇوٽ ڏئي پاڻ اکين تي پٽيون ٻڌي حصي پتي جو انتظار ڪن ٿا يا وري بي حس ۽ انتظامي ذميواري جي اهليت کان محروم آهن،

انهي ڪري انهن جي ماتحت عملو کلي عام ڪرپشن ڪري ٿو، ٽرانسفارمر جو سڙي وڃي ٽيڪنيڪل معاملو آهي ۽ انهي کي سڙڻ  کان بچائڻ لاءِ شايد واپڊا وارن جي به وس ۾ ناهي، اهو ته مڃي سگهجي ٿو ۽ انهي کان انڪار ناهي ته اليڪٽريڪل شيون خراب ٿيڻ يا سڙي وڃڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر انهي جي رپليسمينٽ ۾ سستي يا وري ڄاڻي واڻي دير ڪرڻ وارن کي آخر لغام ڪير ڏيندو؟ چار ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان جي ننڍڙي شهر اسلام ڪوٽ ۾ بجلي  سڄو ڏينهن بند رهي، اسلام ڪوٽ جيڪو هن وقت ملڪ جي بجلي جي سپلائي واري مکيه گرڊ اسٽيشن کي 660 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري ٿو،

جتي بجلي جي بلن جي وصولي سو سيڪڙو آهي، سنڌ حڪومت انهي ننڍي شهر کي رڳو بجلي جي پئداوار لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻارڻ ڪوئلي جي پئداوار جي ڪري ماڊل سٽي بنائڻ جون دعوائون ڪري ٿي، اها ٻي ڳالهه آهي جو اتي 10 منٽن جي برسات ٿر جي وارياسي شهر کي به سمنڊ بڻائي ٿي ڇڏي پر سنڌ سرڪار کان وٺي وفاقي حڪومت تائين جا وزير ۽ ڪامورا سدائين اسلام ڪوٽ جو ذڪر ڪندا آهن، انهي اسلام ڪوٽ ۾ محرم الحرام دوران به لوڊشيڊنگ به جاري رهي، جڏهن ته پوري ملڪ ۾ محرم الحرام دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر حيسڪو جي انتظاميا شايد انهن سمورن اختيارين جي آڏو پاڻ کي جوابده نٿي سمجهي، جيڪي ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ وزيراعظم يا صدر جهڙن عهدن تي فائز آهن،

سو ڳالهه پئي ڪيم ته ڳوٺ هجڻ دوران پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو هو ۽ سڄو ڏينهن بجلي بند هئي، حالانڪه بجلي جو ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ کان اڳ بجلي جي اکٻوٽ ايڏي ته هئي جو ايئن پئي لڳو ته گهرن جو سمورو اليڪٽريڪل سامان سڙي ويندو، جنهن جي به شڪايت حيسڪو جي چيف تائين سڀني کي ڪئي هئم، پر انهي طرف ڪنهن ڌيان نه ڏنو ۽ پوءِ الائي ڪهڙي ٽائيم ٽرانسفارمر سڙي ويو، هونئن ته پاڻ سڀئي پاڪستاني هجڻ ناتي بجلي جي بند ٿيڻ کانپوءِ 2-3 ڪلاڪن تائين پڇا به ناهيون ڪندا ته بجلي ڇو بند آهي، ڇاڪاڻ جو ايترا ته واقف ٿي ويا آهيون جو ڪي اليڪٽرڪ هجي يا سيپڪو يا وري حيسڪو انهن جي انتظاميا بجلي بند ڪرڻ جو ڪو نه ڪو جواز پئدا ڪري وٺندي آهي،

پر جيڪڏهن 3-4 ڪلاڪن تائين بجلي نه هجي ته پوءِ به پهرين مرحلي ۾ پاڻ سڀئي پاڙيوارن کان پڇا ڪندا آهيون ته “اوهان جي گهر بجلي اچي پئي” مطلب ته وري به لاڳاپيل انتظاميا جي هيلپ لائين تي فون ناهيون ڪندا انهي روايت تحت اسان به سڄو ڏينهن پڇا ئي نه ڪئي ۽ پوءِ خبر پئي ته ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي، انهي کان پنج ڏينهن اڳ اسان جي ڀرسان ميگهواڙ پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو هو، جيڪو پڻ پنجن ڏينهن بعد لڳايو ويو هو، ساڳي ريت انهي ئي سنڌ جي ماڊل شهر يا وري بجلي پئدا ڪندڙ شهر جي ڪنڀار پاڙي جو ٽرانسفارمر هڪ هفتي بعد لڳو هو، سوٽهڙ پاڙي جو ٽرانسفارمر به 8-10 ڏينهن بعد لڳايو ويو هو، انهي بابت جڏهن پتو پيو ته مون حيسڪو جي ترجمان کي ڪال ڪري ٽرانسفارمر جي سڙي وڃڻ ۽  تڪڙي بجلي بحال ڪرڻ جي گذارش ڪئي ، پر پوءِ به انهي ڏينهن نه لڳو ۽ نيٺ ٽن ڏينهن بعد جڳاڙ ڪري ٽرانسفارمر لڳائي بجلي بحال ڪئي وئي،

پر  اھو جڳاڙي ٽرانسفارمر ٺيڪ اڌ ڪلاڪ ۾ وري سڙي ويو ۽ اڃا تائين بجلي بحال ناھي ٿي. ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ بعد فوري طور متبادل فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڇا ڪرڻ تي ايس ڊي او مٺي ٻڌايو ته ٽرانسفارمر اضافي هڪڙو به موجود ناهي هوندو، انهي ڪري جيڪڏهن ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا ته انهي ساڳئي ٽرانسفارمر کي وري ٺهرائي واپس لڳايو وڃي ٿو، انهي ٺاهڻ واري جي مرضي آهي اهو چار ڏينهن لڳائي يا پنج ڏينهن لڳائي، تيستائين بجلي بحال ناهي ٿيندي، اهڙي صورتحال تي تعجب ٿئي ٿو ته حيسڪو سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي سپلائي ڪندڙ ڪمپنين وٽ هڪ به ٽرانسفارمر اضافي ناهي جو اهي فوري طور لڳائي بجلي بحال ڪري سگهن؟ يا وري سوچي سمجهي ٽرانسفارمر دير سان لڳايا وڃن ٿا،

جيئن ماڻهن کان ٽرانسفارمر جي مرمت جي مد ۾ رشوت اوڳاڙي سگهجي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته توانائي وارو وفاقي توڙي صوبائي کاتو ان حوالي سان خاص سيل قائم ڪن ته جيئن ماهوار سڙندڙ ٽرانسفارمرن جا انگ اکر گڏ ٿي سگهن ۽ هر سب ڊويزن ۾ ڪجهه اضافي ٽرانسفارمر رکيا وڃن ته جيئن شهري بجلي جي بندش سبب مليريا سميت ڊپريشن ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين کان به بچي سگهن، ان کان علاوه ٽرانسفارمر جي تبديلي ۾ لڳندڙ گهٽ ۾ گهٽ چئن پنج ڏينهن واري عرصي جي به جاچ ڪرائين ته آخر ڪهڙا سبب آهن جو جيڪڏهن ٽرانسفارمر مرمت ٿين ٿا ته اهي مرمت ڪندڙ به انهي ڪمپني جا ئي ملازم هجڻ باوجود  فوري طور مرمت ڇو نٿا ڪن.