ڪراچي: سنڌ حڪومت آفيسن ۾ 20 سيڪڙو حاضري ۽ سرڪاري آفيسن جي وقت جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري آفيسن جو وقت صبح 9 کان منجھند 2 وڳي تائين هوندو، آفيسن ۾ رڳو 20 سيڪڙو ملازم حاضر رهي سگھندا، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪو به ملازم هيڊڪوارٽر نه ڇڏيندو، سيڪريٽري سميت کاتي جون اعليٰ اختياريون ڪم ڪار سانگي گهرن ۾ ويٺل ملازمن کي آفيس گھرائي سگھن ٿيون.