ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون التوا جو شڪار: ان ڏس ۾ مڪاني ادارن واري کاتي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آگاھ ڪيو آهي ته سنڌ ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي ڪراچي ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ واري تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ چاھي ٿي، اليڪشن ڪميشن صوبائي ڪابينا جي فيصلي کي سامهون رکي فيصلو ڪري، هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي 16 ضلعن  ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري نامو جاري ڪري صوبائي اليڪشن ڪمشنر، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي سومر 14 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل پوليس ۽ رينجرز جي نفري جي مقررين بابت عدالت ۾ اڳڀرائي واري رپورٽ پيش ڪري، عدالت پڇاڻو ڪيو آهي ته صوبي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي نفري ڪيتري آهي ۽ اها ڪٿي مقرر ٿيل آهي ؟ عدالت چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي سينيئر لا آفيسر ٻڌايو  هو ته مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ جو مک سبب سنڌ حڪومت پاران گهربل پوليس نفري نه ملڻ آهي، اليڪشن ڪميشن جي لا آفيسر عدالت کي ٻڌايو هو ته سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اهلڪار ٻوڏ رليف آپريشن ۾ مصروف آهن.