ڪراچي (رپورٽ : دودو چانڊيو) سنڌ ڪابينا آدمشماري جي انگن اکرن کي رد ڪندي وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته آدمشماري وارو مامرو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي ان تي بحث ڪيو وڃي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون سي سي آءِ اجلاس ۾ آدمشماري کي رد ڪندي ان خلاف ووٽ ڏنو هو، سي سي آءِ اندر ڪنهن ايجنڊا تي اتفاق نه ٿو ٿئي ته اها پارليامينٽ ڏانهن کڻي وڃڻ گهرجي ها پر وفاقي سرڪار پارليامينٽ بدران وفاقي ڪابينا مان آدمشماري جي منظوري ورتي، هن وڌيڪ چيو ته آئون ويڊيو لنڪ ذريعي سي سي آءِ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هئس، منهنجي مخالفت باوجود آدمشماري کي منظور ڪيو ويو، سي سي آءِ جي قاعدن موجب سڀني جو اتفاق هجڻ لازمي آهي، مون وزيراعظم کي چيو ته آدمشماري جي نتيجن تي چئني صوبن کي سخت شڪايتون آهن، انڪري ان جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، جڏهن صوبن ۾ اتفاق نه هجي ته پوءِ معاملو پارليامنيٽ ۾ کڻي وڃڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته هن وقت تائين سي سي آءِ سمورا فيصلا اتفاق سان ڪيا آهن، هي پهريون فيصلو هو، جيڪو مخالفت ۾ ووٽ هجڻ باوجود منظور ڪيو ويو، وڏي وزير جي بريفنگ بعد سنڌ ڪابينا مطالبو ڪيو ته آدمشماري وارو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي ان تي بحث ڪرايو وڃي، هوڏانهن سنڌ ڪابينا 250 ڊيزل هائبرڊ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته250 بسن جي خريداري تي 8 ارب رپيا خرچ ايندو، پهرين مرحلي ۾ اهي بسون ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ هلنديون. اجلاس ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ايڪٽ 2021ع جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هر ڊويزن هيڊڪوارٽر ۾ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جو بورڊ قائم ٿيندو جنهن جو ڪراچي ۾ سربراهه ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو ميئر ۽ باقي 5 ڊويزنن ۾ وري ڪمشنر هوندا، سنڌ ڪابينا (ر) جسٽس غلام سرور ڪورائي جي عشر ۽ زڪوات ڪائونسل جي چيئرمين شپ تان ڏنل استعيفا منظور ڪندي جسٽس (ر) محمد اقبال مهر کي نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ڊاڪٽر مفتي حق النبي زهري کي زڪوات ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو، اجلاس ۾ عشر زڪوات ايڪٽ 2011ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، انهي ترميم تحت عشر زڪوات ڪائونسل جو چيئرمين هاڻ ڪو به رٽائرڊ جج يا 20 گريڊ جو رٽائرڊ آفيسر ٿي سگهندو، اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازمن لاءِ 120 موٽرسائيڪلن جي خريداري بابت 238 ملين جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. وڏي وزير مراد شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته صوبائي ڪابينا جي مالي معاملن بابت ڪاميٽي موجوده مالي سال ۾ پيل برساتن (21-2020) ۾ نقصان پهچندڙ واٽر ڪورسن جي بحالي ۽ مرمت لاءِ 500 ملين رپيا مختص ڪيا آهن، صوبائي ڪابينا جي مالي معاملن بابت ڪاميٽي جي غورويچار کانپوءِ ڪورونا وائرس سبب هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گريڊ هڪ کان 20 تائين جي مختلف ڪيڊرن جي 59 آسامين جي قيام ۽ هيلٿ مينيجمينٽ، ريسرچ اينڊ ريفارم يونٽ جي سلسلي ۾ پگهار ۽ غير پگهار وارن خرچن جي شرطن بابت صحت کاتي جي تجويز کي منظور ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مون 21-2020 ۾ هيلٿ مينيجمينٽ، ريسرچ اينڊ ريفارم يونٽ لاءِ 178.373 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي . صوبائي ڪابينا سنڌ مائننگ انسٽيٽيوٽس رولز جي منظوري ڏني، جنهن تحت جانورن جي پناهه گاهن وارن علائقن (وائلڊ لائيف سينچريز ) ۾ مائننگ لائسنس جاري نه ڪيا ويندا. صوبائي ڪابينا ڊاڪٽر واصف علي ميمڻ کي ميمبر/ سينئر ميمبر، سنڌ روينيو بورڊ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير ڪابينا کي آگاهي ڏني ته هاءِ ڪورٽ گريڊ 16 ۽ 17 جي اٽڪل 1400 ملازمن کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي، انهن ملازمن کي 2008ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان وٺڻ کانسواءِ مقرر ڪيو ويو هو، ڪابينا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي.