ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مون سنڌ پوليس کي اڳواٽ هدايت ڪئي آهي ته ڊرگ مافيا خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو وڃي. اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ڊي جي ميجر جنرل غلام شبير ناريجو سان ملاقات دوران هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ، اسمگلر ۽ انهن جا سپلائر نه رڳو نئين نسل جو مستقبل برباد ڪري رهيا آهن پر صوبي خاص طور تي ڪراچي جي امن امان کي پڻ خراب ڪري رهيا آهن. هن اي اين ايف جي ڊائريڪٽر جنرل تي زور ڀريو ته هوءِ سنڌ پوليس جي مدد ڪري ته جيئن منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي ۾ مدد ٿي سگھي. اينٽي نارڪوٽڪس جي ڊي جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس فورس ڊرگ مافيا ۽ منشيات جي وڪري روڪڻ لاءِ صوبائي پوليس جي مدد ڪندي.