ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ يونيورسٽي مالي بحران جو شڪار، مارچ مهيني جي پگهار ادائگي لاءِ  بينڪ کان 25 ڪروڙ رپيا  او ڊي( اوڌر )  ورتي وئي ، يونيورسٽي جي 20 کان 22هين گريڊ جي 400 رٽائرڊ استادن ۽ آفيسرن آرڊرلي الائونس نه ملڻ خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي مالي بحرانن جي ور چڙهيل آهي، يونيورسٽي انتظاميا ملازمن توڙي پينشرن کي مارچ  مهيني جي پگهارن جي ادائگي لاءِ هڪ خانگي بينڪ کان 25 ڪروڙ رپيا او ڊي طور حاصل ڪيا هئا، هوڏانهن يونيورسٽي جي رٽائرڊ ٿيل گريڊ 20کان 22هين تائين جي استادن ۽ آفيسرن آرڊرلي الائونس نه ملڻ تي احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي، ان حوالي سان يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر بدر سومرو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سيپٽمبر 2021ع ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ذريعي گريڊ 20کان 22هين تائين جي استادن ۽ آفيسرن جو آرڊر لي الائونس 18 مان وڌائي 25 هزار رپيا ڪيو آهي، يونيورسٽي انتظاميا پينشرن کي اهو الائونس ادا نه پئي ڪري، انهي الائونس جي ادائگي بابت پڇا ڪرڻ تي يونيورسٽي جو وي سي اسان سان توهين آميز رويو اختيار ڪري ٿو، جنهن خلاف اسان وي سي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين، ٻئي طرف يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته يونيورسٽي مارچ مهيني جي پگهارن جي ادائگي لاءِ بينڪ مان 25 ڪروڙ او ڊي حاصل ڪئي آهي، اسان مادرعلمي کي مالي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، سنڌ حڪومت آرڊر لي الائونس ضرور وڌايو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ رڳو ايمپلائيز لفظ لکيل آهي، نوٽيفڪيشن ۾ پينشنرن جو ڪو ذڪر ناهي انهي باوجود اسان سنڌ حڪومت کي لکيو آهي ته  ڇا جاري ڪيل نوٽيفڪيشن پينشنرن تي لاڳو ٿئي ٿو يا نه ؟  هن چيو ته يونيورسٽي وٽ 20 کان 22هين  گريڊ جا  200 حاضر سروس ۽ 400 رٽائرڊ  استاد ۽ آفيسر آهن،  انهن کي  ايڏي وڏي رقم ادا ڪرڻ کان اڳ نوٽيفڪيشن جي وضاحت ضروري آهي. هن چيو ته مون سان ڪنهن به پينشنر ان حوالي سان رابطو ئي ناهي ڪيو، اهڙي صورت ۾ آئون ڪنهن سان  خراب رويو  ڪيئن رکندس؟  منهنجي لاءِ سمورا رٽائرڊ آفيسر، استاد ۽ ملازم احترام لائق آهن، جيڪي احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي ڀلي ڪن، آئون کين احتجاج کان روڪي نٿو سگهان.