سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ٿر جي قومي تڪ اين اي 214 تان پي ٽي آءِ اميدوار شاهه محمود قريشي ۽ سندس پٽ زين قريشي جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي اليڪشن ڪميشن، آر او ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو، ٽربيونل ملير جي قومي تڪ اين اي 238 تان پي ٽي آءِ اميدوار حليم عادل شيخ جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي به ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،  اين اي 241 ڪراچي تان پ پ جي مرزا اختيار بيگ ۽ اين اي 234 تان ايم ڪيو ايم  جي اميدوار صادق افتخار جي اپيل تي به رٽرننگ آفيسر کان رپورٽ طلب، اين اي 241 تان پي ٽي آءِ اميدوار ارسلان خالد جي اپيل تي به نوٽيس جاري، اليڪشن  ٽربيونلز اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کان 5 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو، اليڪشن ٽربيونلز سڀاڻي  4 جنوري کان اپيلن تي ٻڌڻي هلائيندا، 10 جنوري تائين اپيلن تي فيصلا جاري ڪيا ويندا