اسلام آباد: سينيٽ ۾ سنڌ جي خالي 12 سيٽن تي 20 اميدوارن ۾ 2 اپريل تي مقابلو ٿيندو ، سنڌ جي 7 جنرل سيٽن تي 11 اميدوار ميدان ۾ آھن جن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن ۾ اشرف جتوئي، سرفراز راڄڙ ، دوست علي جيسر، سيد ڪاظم علي شاهه ، سيد مسرور احسن ، نديم ڀٽو ، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو عامر ولي الدين چشتي ، چار آزاد اميدوار فيصل واڊا ، عبدلوهاب، علي طاهر ، مير راجا خان جکراڻي شامل آھن . سنڌ جي سينيٽ ۾ عورتن جي ٻن سيٽن تي ٽن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو جن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار روبينا قائمخاني ، قرت العين مري ،آزاد مهجبين رياض شامل آھن، سنڌ جي ٻن ٽيڪنوڪريٽس جي سيٽن تي چار اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو جن ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار ضمير گهمرو ، سرمد علي جڏهن ته آزاد اميدوار عبدواهاب ۽ منظور احمد ڀٽو شامل آھن جڏهن ته اقليت جي هڪ سيٽ تي ٻن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو جنهن ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار پونجو۽ آزاد ڀڳوان داس شامل آھن.